چونڊ سڌارن بابت تڪراري بل منظور، اپوزيشن پاران عدالت وڃڻ جو اعلان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستاني پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ مخالف ڌر جي اعتراضن ۽ واڪ آئوٽ باوجود چونڊن ۾ ووٽنگ لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) استعمال ڪرڻ جو ترميمي بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي. ان بل تحت اليڪشن ايڪٽ 2017ع ۾ ٻه ترميمون تجويز ڪيون ويون آهن جيڪي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جي استعمال ۽ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي انٽرنيٽ ذريعي ووٽ جو حق ڏيڻ بابت آهن. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾221 ميمبرن ٺهراءُ جي حق ۾ جڏهن ته 203 ميمبرن مخالفت ۾ ووٽ ڏنو، جنهن کانپوءِ بل شق وار منظور ڪيو ويو. بل جي منظوري بعد اپوزيشن ميمبر ايوان مان واڪ آئوٽ ڪري ويا. اپوزيشن ليڊر شهباز شريف ان کي پارليامينٽ جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن قرار ڏنو آهي، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، جڏهن ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قانون جي منظوري کي سپريم ڪورٽ سميت هر فورم تي چئلينج ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. گڏيل اجلاس دوران ان ڳالهه تي قانوني تڪرار پيدا ٿيو ته ڇا حڪومتي بل لاءِ ايوان ۾ موجود ميمبرن جي اڪثريت جي ضرورت هوندي يا قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي جل ميمبرن جي اڪثريت جص ضرورت پوندي. پارلياماني معاملن بابت صلاحڪار بابر اعواڻ چيو آهي ته فيصلو ايوان ۾ موجود ميمبرن جي اڪثريت جي بنياد تي ٿيندو. جڏهن ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ضابطن جو حوالو ڏيندي چيو ته ترميم لاءِ گڏيل اجلاس جي ڪل تعداد جي اڪثريت جي صورت ۾ فيصلو ٿيوندو. جيڪڏهن حڪومت وٽ 222 ووٽ نه هجن ته قانون پاس نه ٿي سگهندو. هن ڳڻپ روڪڻ جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته اسپيڪر بلڊوز نه ڪري. ان تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته ان معاملي ۾ آئين جي ڳالهه آهي نه قاعدن جي، هن قانون سازي جي معاملي تي ڳڻپ جاري رکڻ جو حڪم ڏنو. پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس جي ايجنڊا موجب اجلاس ۾ ڪل 27 بل منظوري لاءِ پيش ڪيا ويا جن ۾ اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم، ڪلبوشن ياديو ۽ انٽرنيشنل ڪورٽ آف جسٽس بل، اينٽي ريپ بل 2021 ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، پاڪستان بئنڪنگ سروسز ڪارپوريشن، ترميمي بل پڻ شامل آهن. انهن تجويز ڪيل بلن مان سڀ کان وڌيڪ تڪراري بل چونڊ سڌارن بابت هو، جنهن تي حڪومت ۽ اپوزيشن جي وچ ۾ واضح اختلاف هو.

پهنجو تبصرو موڪليو