چانڊڪا ميڊيڪل ڪالج ۽ لاڳاپيل ادارا بند، شاگرد پريشان

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ)چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ شاگردياڻي نوشين جو ڦاھو ڏنل لاش ھٿ اچڻ وارو معاملو، شھيد محترما بينظير ڀٽو يونيورسٽي جي وي سي يونيورسٽي جي ماتحت ادارن کي ايندڙ حڪم تائين فوري طور تي بند ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. وي سي انيلا عطاء الرحمن پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ بعد بند ادارن ۽ ھاسٽلن کي سيل ڪيو ويو آهي. شاگردن کي فوري طور تي ھاسٽلن کي خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. اڻڄاتل مدي تائين ادارا ۽ ھاسٽل بند ڪرڻ بعد امتحان به اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪيا ويا. يونيورسٽي جي ماتحت بي بي آصفا ڊينٽل ڪاليج، بينظير ڪاليج آف نرسنگ، انسٽيوٽ آف فارميسي فزيوٿرافي سميت ھاسٽلون بند ڪيون ويون، رڳو غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج سکر کليل رھندو. شاگردياڻي نوشين جي واقعي بعد اچانڪ يونيورسٽي جي وي سي طرفان چانڊڪا جا ادارا بند ڪرڻ بعد شاگرد توڙي شاگردياڻيون ويتر خوف ۾ وٺجي ويا آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو