ڄام عبدالڪريم ناظم جوکيو جي قتل ۾ شامل ناهي، افضل جوکيو

ڪراچي(رپورٽ باغي ساگر پنهوار)شهيد ناظم جوکيو جي ڀاءُ افضل جوکيو پنهنجي نئين بيان ۾ چيو آهي ته منهنجي ڀاءُ جي قتل ۾ ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جوکيو ملوث نه آهي. افضل جوکيو اهڙو بيان ملير جي عدالت آڏو ڏنو آهي. شهيد ناظم جوکيو جو ڪيس مفت ۾ وڙهندڙ وڪيل محمد خان شيخ ڏک ۾ عدالتي ڪارروائي اڌ ۾ ڇڏي ٻاهر نڪري آيو. وڪيل محمد خان شيخ چيو آهي ته افضل جوکيو عدالت آڏو 164 جي بيان ۾ ايم اين اي جو نالو ڪيس مان ڪڍرايو آهي ۽ سندس اهڙي عمل تي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو آهي. هن چيو ته هڪ پاسي سڄي سنڌ شهيدن جي وارثن سان گڏ بيٺل آهي ۽ ٻئي پاسي شهيد جي ڀاءُ هي ڪم ڪيو آهي. سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته ڇا چوان، ان کان اڳ افضل جوکيو مختلف وقتن تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران اهو چوندو رهيو آهي ته ايم اين اي عبدالڪريم جوکيو به منهنجي ڀاءُ جي قتل ۾ ملوث رهيو آهي. شهيد ناظم جوکيو جي گهرواري شيرين جوکيو به ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم اين اي ڄام عبدالڪريم جوکيو کي مڙس جو قاتل قرار ڏيندي رهي آهي. هن هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته منهنجو ڏير افضل ايم اين اي عبدالڪريم کي بابا ڪري سڏيندو هو ۽ ان ئي “بابا” دوکو ڪري ناظم جوکيو کي گهرايو ۽ قتل ڪرايو.

پهنجو تبصرو موڪليو