ڀارت ۾ ماڻهن نه اردو کي ڇڏين نه وري فيض کي: جاويد اختر

لاهور (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ليکڪ شاعر ۽ گيتڪار جاويد اختر جو چوڻ آهي ته ڀارت ۾ ماڻهن اردو يا فيض کي نه ڇڏيو آهي، فيض احمد فيض سان محبت باقي آهي.لاهور ۾ نجي ٽي وي سان سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي مشهور شاعر جاويد اختر چيو ته فيض احمد فيض جي شاعري ۾ جادو آهي.هن چيو ته فيض احمد فيض جي شاعري هندستان ۾ به مقبول آهي ۽ اردو زبان ۾ به پڙهي وڃي ٿي. اردوءَ جو ڪو لفظ سمجھه ۾ نه ٿو اچي ته ان جي معنيٰ هندي ۾ ڳولهيو وڃي ٿو.جاويد اختر چيو ته ڀارت ۾ ماڻهن نه اردو ڇڏي آهي ۽ نه فيض، فيض احمد فيض سان محبت برقرار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو