ڀارتي خواب چڪنا چور، نيوزيلينڊ سيمي فائنل ۾ پهچي وئي

دبئي(ويب ڊيسڪ)ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل جي اهم ميچ بيوزيلينڊ افغانستان کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ پهچي وئي آهي. ڀارت جا خواب چڪنا چور ٿي ويا هو گروپ جي سومر تي رهيل ميچ نميبيا سان کيڏي گهر روانا ٿيندا. ڪپتان ڪين وليمسن 40 ۽ ڊيون ڪانوائي 36 تي ناٽ آئوٽ رهيا. آئوٽ ٿيندڙ اوپنر مارٽن گپٽل 28 ۽ مچل 17 رنز ٺاهيون سندن وڪيٽون راشد خان ۽ مجيب کي مليون. راشد خان ٽي ٽوئنٽي ۾ 400 وڪيٽن جو ٽارگيٽ به حاصل ڪيو. ڀارت پراميد هئي ته جيڪڏهن افغانستان کٽي ها ته هو بهتر رن ريٽ تي سيمي فائنل ۾ پهچن ها. هن گيم اگر مگر جو کيل ختم ڪري ڇڏيو. نيوزيلينڊ جو سيمي فائينل ۾ مقابلو انگلينڊ سان ٿيندو ۽ ٻئي سيمي فائينل پاڪستان ۽ آسٽريليا ۾ کيڏي ويندي. ان کان اڳ محمد نبي ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. افغانستان جي بيٽنگ ابتدا ۾ مشڪل جو شڪار رهي 19 جي مجموعي اسڪور تي 3 آئوٽ ٿي چڪا هئا.پر بعد ۾پاڻ سنڀاريندي 8 وڪيٽن تي 124 رنز ٺاهي سگهي. نيوزيلينڊ کي 125 رنز جو ٽارگيٽ ڏنو. نجيب الله زدران ٽن ڇڪن ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 48 بالن تي 73 رنز ـاهيون. محمد نبي 20 بالن تي 14 ۽ گلبدين نائب 15 رنز اسڪور ڪري نمايان رهيا. ٽرينٽ بولٽ 4 اوورز ۾ 17 رنز ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون ۽ پليئر آف دي ميچ بڻيو. ان کان اڳ ٽاس وقت جڏهن ڪپتان کان پڇيو ويو ته اوهان سڀني ميچز ۾ اڳ۾ بيٽنگ ڪندا آهيو پر ڀارت سان ميچ ۾ فيلڊنگ جو فيصلو ڇو ڪيو ته هن چيو ته ان جو اهم سبب ماڪ پوڻ هو، رات جو ميچ هو ان ڪري اهو فيصلو ڪيو پر هو سوال ڪندڙ کي هن هيٺ ڪنڌ ڪري جواب ڏنو. ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن نيوزيلينڊ ميچ کٽي وئي ته ڀارت جو سيمي فائنل ۾ پهچڻ وارو خواب چڪنا چور ٿي ويندو جيڪڏهن افغانستان ميچ کٽي ويو ته رن ريٽ بهتر ڪرڻ جي صورت ۽ رهيل ميچ کتڻ بعد ڀارت جو چانس ٿي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو