ڀارت جي اسڪاٽ لينڊ کي وڏي شڪست، سيمي فائنل جي اميد

دبئي (ويب ڊيسڪ)آءِ سي سي مردن جي ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سپر 12 رائونڊ ۾ ڀارت گروپ 2 ۾  اسڪاٽ لينڊ کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي پنهنجو رن ريٽ بهتر ڪري ورتو آهي. ڀارت کي گروپ 2 ۾ افغانستان ۽ نيوزيلينڊ کان نيٽ رن ريٽ بهتر ڪرڻ لاءِ 7.1 اوورن ۾ 86 رنسن جو ٽارگيٽ پورو ڪرڻو هو، جيڪو هن آساني سان 7 اوور ۾ پورو ڪري ورتو. دبئي ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڀارتي ڪپتان ويرات ڪوهلي ٽاس کٽي اسڪاٽ لينڊ کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني. اسڪاٽ لينڊ جي بيٽنگ لائن ڀارتي بالرز آڏو واري جي ديوار ثابت ٿي ۽ ڪو به بيٽسمين ڪريز تي نه کيڏي سگهيو. اسڪاٽ لينڊ جي ٽيم 18 هين اوور ۾ 85 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جارج مونسي 24 ۽ مائيڪل ليسڪ 21 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. ڀارت طرفان محمد شامي ۽ رويندرا جڊيجا 3.3 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته بُمرا ٻه وڪيٽون ورتيون. ڀارت 86 رنسن جو هدف ستين اوور ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو جنهن کانپوءِ ڀارت جي سيمي فائنل ۾ پهچڻ جون اميدون برقرار آهن. ياد رهي ته ٽي 20 ورلڊ ڪپ جي سپر 12 مرحلي ۾ 6 ٽيمن کي 2 گروپن ۾ ورهايو ويو آهي، جڏهن ته هر گروپ ۾ شامل ٽيمون 5 ميچون کيڏنديون ۽ ٽاپ 2 ٽيمون سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون. پاڪستان ۽ انگلينڊ سيمي فائنل ۾ پهچي ويون آهن، گروپ ون مان آسٽريليا ۽ ڏکڻ آفريڪا ۾ مقابلو آهي جڏهن ته ٻئي گروپ ۾ ڀارت، افغانستان ۽ نيوزيلينڊ ۾ مقابلو آهي. گروپ 1 جي ٽاپ ٽيم يعني انگلينڊ گروپ 2 جي ٻئين نمبر واري ٽيم سان کيڏندي جڏهن ته گروپ 1 جي ٻئي نمبر واري ٽيم گروپ 2 جي ٽاپ ٽيم يعني پاڪستان سان سيمي فائنل کيڏندي.

پهنجو تبصرو موڪليو