ڀارتي ٽاپ فوجي جنرل سميت 13 ڄڻا هيليڪاپٽر حادثي ۾ فوت

دهلي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي هٿياربند فوج جي چيف آف ڊفينس اسٽاف جنرل بپن راوت پنهنجي گهرواري سميت هيلي ڪاپٽر حادثي ۾ فوت ٿي ويا آهن. هيليڪاپٽر ۾ سوار 14 مان 13 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن ڪپتان زخمي آهي.ڀارتي هوائي فوج جي ايم آءِ 17 وي 5 هيلي ڪاپٽر تامل ناڊو ۾ ڪُنور جي ويجهو ڪري تباهه ٿي ويو. ڀارتي هوائي فوج جنرل بپن راوت جي موت جي تصديق ڪندي چيو آهي ته حادثي ۾ جنرل بپن راوت ۽ سندس زال سميت 13 ڄڻا مارجي ويا آهن. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب هيلي ڪاپٽر حادثي مان 13 لاش مليا آهن جن جي سڃاڻپ لاءِ ڊي اين اي ٽيسٽ ڪئي ويندي. ان کان اڳ ڀارتي فوج جي ليفٽيننٽ جنرل (ر) ايڇ ايس پيناگ هڪ ٽوئيٽ ۾ دعويٰ ڪئي هئي ته ڀارتي چيف آف ڊفينس اسٽاف جنرل بپن راوت حادثي ۾ مارجي ويو آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ڀارتي بچاءَ وارو وزير راج ناٿ سنگهه واقعي بابت سڀاڻي پارليامينٽ ۾ بيان ڏيندو. ان کان علاوه ڀارتي ايئر فورس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هيلي ڪاپٽر حادثي جي سبب جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته ڀارتي آرمي چيف جنرل بپن راوت 31 ڊسمبر 2019ع تي پنهنجو مدو پورو ڪري رٽائر ٿي ويو هو پر مودي حڪومت کيس ڀارتي هٿياربند فوجن جو پهريون چيف آف ڊفينس اسٽاف مقرر ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو