ڀارتي هدايتڪار پنهنجي فلم جي رليز کان اڳ لاڏاڻو ڪري ويو

ممبئي (ويب ڊيسڪ)هندستاني مليالم فلم انڊسٽري جو ڊائريڪٽر جوزف منو جيمس پنهنجي پهرين فلم جي رليز کان ڪجهه ڏينهن اڳ گذاري ويو.ڀارتي ميڊيا موجب جوزف ٻڌايو پيو وڃي ته هو هيپاٽائيٽس ۾ مبتلا هو ۽ علاج هيٺ هو پر بدقسمتي سان هو 24 فيبروري تي 31 سالن جي عمر ۾ اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.جوزف پنهنجي هدايتڪاري واري پهرين فلم ”نينسي راني“ جي رليز ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ فوت ٿي ويو.جوزف منو جيمس هندستاني فلم انڊسٽري ۾ پنهنجي شروعات چائلڊ ايڪٽر جي حيثيت سان ڪئي، هن 2004ع ۾ صابو جيمس جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم ’آءِ ايم ڪيوريس‘ ۾ چائلڊ ايڪٽر طور ڪم ڪيو، هن مليالم ۽ هندي فلم انڊسٽريز ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيو. جي طور تي پڻ ڪم ڪيو

پهنجو تبصرو موڪليو