ٿيليسيميا کان بچاءَ جو واحد حل شادي کان اڳ ھڪ ٽيسٽ

ليکڪ  اعجازتيوڻو 

ٿيليسيميا رت جي هڪ بيماري آهي جنهن جا 2 قسم آهن ٿيليسيميا ميجر ۽ ٿيليسيميا مائنر ٿيليسيميا ميجر رت جي جينياتي بيماري آهي ان بيماري ۾ جسم ۾ موجود رت جي ڳاڙهن جزن ۾ هيمو گلوبن ٺاهڻ جي صلاحيت يا ته گهٽ ٿي ويندي آهي يا ختم ٿي ويندي آهي جنهن جي ڪري مريض ۾ رت جي تمام گهڻي کوٽ ٿي ويندي آهي ميجر ٿيليسيميا هڪ موروثي بيماري آهي جيڪا پيدائش کان وٺي موجود هوندي آهي ۽ عام طور تي پيدائش جي هڪ سال جي اندر ظاهر ٿيندي آهي ٿيليسيميا ميجر جو علاج اهو آهي ته باقاعدگي سان رت لڳرائڻ، جسم مان فولاد جي وڌيل مقدار کي باقاعدگي سان ڪڍرائڻ ۽ باقاعدگي سان رت لڳرائڻ سان متاثر ٻارن جي سٺي ۽ نارمل واڌ ويجھ ٿئي ٿي جئين جئين اهڙن ٻارن جي عمر وڌي ٿي انهن کي رت لڳرائڻ جي ضرورت به وڌندي ويندي آهي جڏھن ته ڊيسفيرال پمپ جو استعمال انهي ڪري ڪيو ويندو آهي ته رت لڳرائڻ جي ڪري جسم ۾ رت جا جيڪي ڳاڙها جزا واڌارو کائين ٿا ۽ اهي جڏهن ٽٽن ٿاته انهن مان (آئرن) فولاد نڪري ڪري جسم ۾ جمع ٿيندو رهي ٿو ۽ جيڪڏهن ان کي ٻاهر نه ڪڍيو وڃي ته اهو دل، جيري ۽ جسم جي ٻين عضون کي متاثر ڪندو رهي ٿو جسم مان فولاد جي ان گڏ ٿيل واڌاو مقدار کي ڪڍڻ لاءِ ڊسفيرال انجيڪشن لڳائي ويندي آهي اھا انجيڪشن بيٽري سان هلڻ واري هڪ پمپ ذريعي لڳائي ويندي آهي اهو پمپ دوا کي 10 کان 20 ڪلاڪن دوران جسم ۾ داخل ڪري ٿو ڊسفيرال جسم مان آئرن جمع ڪري ان کي پيشاب ذريعي خارج ڪري ٿو ان دوران مريض روز مره جا ٻيا سڀ ڪم ڪار پڻ سرانجام ڏيئي سگهي ٿو  ٿيليسيميا ميجر کان متاثره ماڻهو پابندي سان رت لڳرائيندو ۽ ڊسفيرال جي انجيڪشن به هڻائيندو ته هو هڪ نارمل صحت مند زندگي گذاري سگهي ٿو جيڪڏهن ٿيليسميا جي مريضن کي باقاعدگي سان رت نه لڳرايو وڃي ته جسم ۾ رت جي کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ هڏي جي مِکُ ڦهلجڻ شروع ڪندي آهي جنهن جي نتيجي ۾ هڏيون ڦهلجڻ شروع ڪنديون آهن جنهنڪري هڏين جي شڪل ۾ تبديلي هڏن ۽ سنڌن ۾ سور شروع ٿي ويندو آهي ٿيليسيما جا اهي مريض جيڪي باقاعدگي سان رت لڳرائن ٿا انهن ۾ به اهي شڪايتون ٿي سگهن ٿيون تنهن ڪري ضروري آهي ته ٿيليسيميا جي مريضن کي اهڙي خوراڪ استعمال ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ ڪيلشيم ۽ وٽامن ڊي جو مقدار وڌيڪ هجي ته جئين هڏا مظبوط ٿي سگهن جن کاڌن ۾ ڪيلشيم وڌيڪ مقدار ۾ هوندي آهي کير، ڏهي، مکڻ،پنير،ڦربون ۽ نارنگيون آهن جن کاڌن ۾ وٽامن ڊي وڌيڪ هوندي آهي اهي آهن کير ، بيضا، مڇي ۽ مالٽي جو رس شامل آهن انهن سان گڏوگڏ ٻارن ۾ مدافعت جي سگھ وڌائڻ لاءِ اهڙن ٻارڙن کي وٽامن اي به ڏيڻ گهرجي ته جئين اهي ھر ھر بيمار نه ٿين ميجر ٿيليسيميا جي شڪار ٻارن جو بون ميرو ۾ رت ٺاهڻ جي صلاحيت نه هوندي آھي جيڪڏهن مائنر ٿيليسيميان جي مرض جو شڪار والدين کي عورت جي حمل ٿيڻ کانپوءِ 3 مهينن اندر سي وي ايس ٽيسٽ ضرور ڪرائڻ گهرجي ته جيئن خبر پئجي سگهي ته پيدا ٿيندڙ ٻارميجر ٿيليسيميان جي مرض جو شڪار ته ناهي جيڪڏهن ان پيٽ واري ٻار جو ميجر ٿيليسيميان جي مرض هجڻ جي تشخيص ٿئي ته ان ٻار کي ضايع ڪرايو وڃي ته جيئن والدين ۽ ٻار سڄي عمر جي تڪليفن کي منهن ڏيڻ کان بچي سگهن. بون ميرو ٽرانسپلانٽ ذريعي ٿيليسيميا ميجر جو علاج ڪري سگهجي ٿو ان عمل ۾ مريض جي هڏي جي مِکُ کي ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ جي هڏي جي مِکُ سان بدلايو ويندو آهي جيڪو ٿيليسيميا جو مريض نه هجي هڏي جي مِکُ بدلائڻ کانپوءِ نئين مِکُ صحتمند رت ٺاهڻ شروع ڪندي آهي پر علاج جي هن طريقي جون ڪيتريون پيچيدگيون آهن مثال طور نئين مِکُ ڪجھ اهڙا خليات به ٺاهي سگهي ٿي جيڪي جسم جي مختلف حصن تي اثر وجهي سگهن ٿا بون ميرو ٽرانسپلانٽ جي سلسلي ۾ هي ڳالهيون اهم آهن متاثر ٻار جو سڳو ڀاءُ يا ڀيڻ هجي جنهن سان هڏي جي مِکُ ميچ ڪرائي وڃي ان عمل ۾ ناڪامي جا 20 سيڪڙو امڪان آهن انهي علاج ۾ اٽڪل 20 کان 25 لک روپين جو خرچ آهي جديد دور جي حساب سان ٿيليسيميا ميجر جي علاج ۾ ڪافي بهتريون اچي رهيون آهن ٿيليسيميا ميجر جو علاج پهريان جي ڀيٽ ۾ ڏينهو ڏينهن جديد ۽ بهتر ٿيندو پيو وڃي هاڻي ٿيليسميا جو مريض هڪ بهتر صحتمند زندگي جو مزو ماڻي سگهي ٿو ۽ اھا عام سرگرمين جهڙوڪ راند، پڙهائي ۽ نوڪري ۾ اڳتي اچي ڪري معاشري جي خدمت ڪري سگهن ٿا جيڪڏھن ڏٺو وڃي ته ٿيليسيميا مائنر هڪ جينياتي خرابي آهي جيڪا پيدائشي طور تي والدين کان اولاد ۾ منتقل ٿيندي آهي اھا بيماري پيءُ يا ماءُ ذريعي ٻار ۾ منتقل ٿيندي آهي ٻارن ۾ ٿيليسيميا جي منتقلي جو دارومدار ان ڳالھ تي آهي ته سندن والدين ۾ ٿيليسيميا جي موجودگي ڪهڙي ڪيفيت جي آهي جيڪڏهن ماءُ ۽ پيءُ جي ٿيليسيميا رپورٽ نيگيٽو آهي ته ٻار سو سيڪڙو نارمل هوندو ٿيليسيميا جو انساني زندگي تي ڪو خاص اثر نٿو پئي اهڙا ماڻهو جسماني، ذهني ۽ جنسي اهليت ۾ ٻين نارمل ماڻهن جهڙا هوندا آهن ٿيليسيميا مائنر ڪڏهن به ٿيليسميا ميجر ۾ بدلجي نٿو سگهي اھا بيماري ٻار جي ڄمڻ وقت ان جي والدين کان منتقل ٿيندي آهي ۽ ٿيليسميا جو جيڪو قسم ٻارن ۾ منتقل ٿيندو آهي اهو سڄي زندگي ان سان رهندو آهي اھا بيماري نه وڌندي آهي ۽ نه وري ان ۾ ڪا گهٽتائي ايندي آهي ٿيليسيما مائنر جي اهميت ان صورت ۾ آهي ته جڏهن ٿيليمسيا مائنر جا مريض هڪ ٻئي سان شادي ڪن ٿا ته انهن کي جيڪي ٻار ڄمندا آهن انهن مان ڪجھ ٻار ميجر جو شڪار ٿي سگهن ٿا ٿيليسيما مائنر جي خبر رت جي هڪ عام ۽ سادي ٽيسٽ (سي بي سي) ذريعي ڊاڪٽر ٿيليسميا جي موجودگي جو شڪ ظاهر ڪرڻ کانپوءِ بيماري جي پڪ ڪرڻ لاءِ هيمو گلوبن اليڪٽرو فوريسس نالي هڪ ٻي ٽيسٽ ڪرائي ويندي آهي ڳورهاري عورت جي صحت تي ٿيليسيما مائنر جو اثر بلڪل ٿي سگهي ٿو عام حالت ۾ عورتن جي رت ۾ هيمو گلوبن جو مقدار اڃان به گهٽجي ويندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن کين رت هڻائڻ جي به ضرورت پوندي آهي اهڙين عورتن کي فولڪ ايسڊ (جيڪا هڪ وٽامن آهي) وڌيڪ مقدار ۾ کائڻ گهرجي جئين رت جي وڌيڪ ڪمزوري نه ٿئي. ٿيليسميا هڪ اهڙي موروثي بيماري آهي جيڪا مردن ۽ عورتن کي هڪ جيتري ٿئي ٿي ٿيليسميا مائنر ڪا بيماري سمجهڻ نه گهرجي ڇو ته اھا رڳو هڪ رت جي جينياتي ڪيفيت آهي جنهن سان ڪا جسماني ذهني ۽ جنسي ڪمزوري پيدا نه ٿي ٿئي پر ان جين کي نه ته ختم ڪري سگهجي ٿو ۽ نه وري بدلائي سگهجي ٿو نارمل ماڻهن جي ڀيٽ ۾ ٿيليسيميا مائنر کان متاثر ماڻهن کي فولڪ  ايسڊ استعمال ڪرڻ گهرجي ته جئين اهي رت جي گهٽتائي واري خطري کان بچي سگهن اهو ماڻهو ٻين نارمل ماڻهن جيتريون هر قسم جون سرگرميون ڪري سگهي ٿو پراهو مرض سندن رت ۾ موجود هوندو آهي ۽ سندس جين ايندڙ نسل ۾ بيماري منتقل ڪري ڇڏيندو آهي ٿيليسيميا مائينر جي متاثر زال مڙس جي جزن ذريعي ٻارن ۾ منتقل ٿئي ٿي رت جي خطرناڪ بيماري ۾ مبتلا ٻارکي هرمهيني رت لڳائڻ ۽ ٻين دوائن جي ضرورت هوندي آهي جڏهن ته انهن مريضن کي وقت تي رت فراهم نه ڪيو وڃي يا انهن جو علاج نه ڪيو وڃي ته اهي هڪ سال کان 8 سالن جي عمر تائين فوت ٿي سگهن ٿا ٿيليسيميا مائنر مرض ۾ ورتل  ماءُ ۽ پيءُ مان پيدائشي طور ٻار ۾ منتقل ٿئي ٿو هن بيماري جي ڪري رت ۾ ڳاڙهن جزن ۾ هيمو گلوبن ٺاهڻ جي  صلاحيت گهٽجي وڃي ٿي ۽  نتيجي ۾  ٻار ۾رت جي سخت کوٺ پيدا ٿئي ٿي .جنهن جي ڪري سڄي ڄمار ٻار کي رت لڳرائڻ جي ضرورت پيش اچي ٿي جيڪا والدين ۽ ٻارن لاءِ مشڪل عمل آهي جڏهن ته  ميجر ٿيليسيميان جو ٻار انهن والدين کي ٿئي ٿو جيڪي مائنر ٿيليسيميا جي مرض جو شڪار هوندا آھن پنهنجي ايندڙ نسل کي ٿيليسيميا کان بچائڻ لاءِ واحد طريقو اهو آهي ته شادي کان پهرين مرد ۽ عورت ٻنهي جي ٿيليسيميا جي ٽيسٽ ڪرائي وڃي اڄ ڪلھ ٿيلسيميا جو موذي مرض وڌي رهيو آهي جنهن جي ڪري ڪيترائي معصوم ٻار موت جو کاڄ بڻجي رهيا آهن ملڪ ۾ ٿيليسيميا جي متاثر ٻارن جي علاج ۽ کين رت لڳائڻ لاءِ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف بلڊ ڊزيز ڪراچي،فاطميد فائونڊيشن، حسيني بلڊ بينڪ ۽ ٻيا ڪيترائي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته نوابشاھه ۽ پس گردائي وارن علائقن ۾ ٿيليسميا جي متاثر ٻارن کي علاج ۽ رت لڳائڻ لاءِ 2007ع ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي والد حاڪم علي زرداري پاران ٿيليسيمان سينٽر شروع ڪرايو ويو هن سينٽر ۾ ضلعي شهيد بينظيرآباد کانسواءِ نوشهروفيروز، سانگهڙ ۽ پس گردائي وارن ٻين 16 ضلعن جا 2300 ٻار رجسٽرڊ ٿيل آهن جن مان روزانو 70 کان 100 ٻارن کي رت لڳايو وڃي ٿو رت جي بندوبست لاءِ هر هفتي مختلف علائقن ۾ رت گڏ ڪرڻ لاءِ ڪيمپون لڳايون وڃن ٿيون  سينٽر ۾ ايندڙ ٿيليسيميا جي مريضن کي مفت ٽيسٽون، دوائون،کاڌو ۽ ٻيون سهولتون ڏنيون ٿيون وڃن رت جو عطيو ڏيندڙن کي اپيل آهي ته ٻارن جي زندگي بچائڻ لاءِ صحت مند رت جو عطيو ڏين رت جو عطيو ڏيڻ سان سندن صحت به بهتر رهندي الله پاڪ طرفان انسان کي زندگي ان لاءِ ڏني وئي آهي ته هو انسان ذات جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري ڇاڪاڻ ته هڪ انسان جي جان بچائڻ پوري انسانيت جي جان بچائڻ برابر آهي ان لاءِ ضروري آهي ته ضرورتمندن جي ڪم اچون جنهن سان الله پاڪ به راضي ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو