ٿرپارڪر ۾ خودڪشين جي سببن جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

مٺي(ن سنڌيار)ٿرپارڪر ۾ وڌنڌڙ خودڪشين جا سبب ڄاڻڻ لاءِ ڊي آءِ جي ميرپورخاص طرفان  ڪاشف بجير جي اڳواڻي ۾ جوڙيل ڪميٽي ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن. ڪچو شراب واپرائڻ، بي روزگاري، اين جي او ۽ وياجين جا قرض خود ڪشين جا اهم سبب آهن. پوليس ۽ ڊاڪٽر پنهنجي فرض ۾ ڪوتاهي ڪن ٿا، جنهن سبب ازالو نٿو ٿئي. ڪميٽي رپورٽ جوڙي سفارشون به ڪيو آهن. ڪميٽي ٽوٽل 6 خودڪشي جي واقعن کي ڏسندي رپورٽ جوڙي آهي، جن ۾ مومل خودڪشي واقعو ، مٺي، گهنشام خودڪشي واقعو، مٺي، شيرزمان خودڪشي واقعو، مٺي، رتن خودڪشي واقعو، ڏيپلو، ڇاڇرو واقعو جنھن ۾ همراهه 3 ٻارن کي ماري پاڻ کوھ ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏي هئي. ڏيپلو واقعو جنھن ۾ ڇوڪرو وڻ ۾ ڦاهو کاڌو هو.

ميڊيڪل ليگل آفيسر(MLO) ۽ پوليس جو ڪردار/ذميواريون

ڪميٽي ڄاڻايو آهي ته ٿرپارڪر ۾ ميڊيڪل ليگل آفيسر(MLO) موجود ته آهن ليڪن اُنھن ۾ اُھا قابليت ناھي ته پوسٽ مارٽم ڪري سگهن. ڪجهه ڪيسن ۾ MBBS ڊاڪٽرن کي پوسٽ مارٽم ڏنو ويندو آھي جن کي پوسٽ مارٽم ڪرڻ ئي نه ايندو آهي. پوليس کي جيئن واقعي جي خبر پوندي آهي ته اُھي لاش کڻي اسپتال موڪليندا آهن. اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم ته ٿيندو آهي ليڪن جزن جو ڪيميڪل  ڪرائڻ لاء  جزن کي ڪراچي موڪلڻو پوندو آهي جنھن لاء پوليس آفيسر کي جلدي ۾ پئسا نه ڏنا ويندا  آهن. پوليس آفيسر اگر ڪو پهنجي جيب مان خرچ ڪري ٿو ته ڊپ اُهو هوندو آھي ته رپورٽ کي 3 مھينا لڳي ويندا تيستائين بدلي نه ٿي وڃان ۽  مُونکي منهنجا پئسا واپس نه ملندا. اُن ڪري ڪيميڪل صحيح نه ٿيندو آ رت جي جزن جو. ڪميٽي وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته پوليس ۽ ڊاڪٽر ڪيس جي شروعات کان آخري تائين پنهنجي ڊيوٽي صحيح نموني سان نٿا ڪرن. ڪميٽي وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته ڪچو شراب، مين پڙي، سفينه جيڪو ٿرپارڪار ۾ بليڪ تي هلن ٿا اُهو به وڏو سبب آهن خودڪشي جا، ڇو جو نوجوان نسل سمجهي ٿو غم کي ختم ڪرڻ جو اهو بهترين طريقو آهي. ٿرپارڪر ۾ قرض ڏيندڙ NGOs به خودڪشي جا سبب آهن ، انھن ٿرپارڪار جي ماڻهن کي ڊپينڊٽ ڪري ڇڏيو آهي.نجي وياج تي پيسا ڏيندڙ ن جو به ڪردار آهي. ٿرپاڪر ۾ ماڻهن جو گذر سفر چوپايو مال ۽ برسات تي آهي. اگر برسات نٿي ٿئي تي ماڻهن جي حالت خراب ٿي ويندي آهي. اھڙي حالت ۾ قرض واپسي وٺڻ جو سسٽم ڏاڍو ڏکيو آهي..قرض جي پريشر کان بچڻ لاءِ ماڻهون خودڪشي ڪريو ڇڏن. ڪميٽي وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته ٿرپارڪر ۾ وٽا سٽا شادي وارو طريقو به خودڪشي جو سبب ٿين ٿا جو اگر هڪڙي گھر ۾ ڪنھن ڇوڪري سان مسئلو ٿيندو آهي  ته ٻي گھر جي ڇوڪري تي اُن جو اثر ٿيندو آهي ۽ ننڊي عمر ۾ شادي به خودڪشي جو سبب ٿيئي ٿي. ڪميٽي وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته وڏيرن طرفان جنسي استحصال به خودڪشي جو سبب آهن. درويش، ڀوپا، فقير به خودڪشين جا سبب ٿين ٿا ڇو جو اهي غريب ماڻهن کي گمراهه ڪرن ٿا.ڪميٽي وڌيڪ لکيو آهي ته آبادي به وڏو اثر رکي ٿي ڇو جو فيملي پلاننگ ناھي. ٿرپارڪر جا ماڻهون سمجهن ٿا جيترو وڌيڪ اولاد اوترو ڪمائي جا وڌيڪ هٿ.ليڪن بدقِسمتي سان پوء  وڏي فيملي  کي مائٽ نٿا سنڀالي سگهن. ڪميٽي وڌيڪ لکيو آهي ته نوجوان نسل لاء ڪي خاص موقعا ناهن، بيروزگاري به ان جو اهم سبب آهي. ڪو اڪنامڪ پلان ناھي. اُن لاءِ نوجوان نسل ڊپريشن جو شڪار ٿيئي ٿو. ڪميٽي وڌيڪ لکي ٿي ته سوشل ميڊيا به وڏو اثر رکي ٿي جيئن هر خودڪشي جي خبر فيسبڪ تي اچي ويندي آهي ته ماڻهون اُن خبر کي ڏسندي اهيو سوچي وٺن ٿا ته اگر ڪنھن مسئلي جو ٻيو  ڪو حل نه مليو ته خودڪشي بهترين حل آهي.

ڪميٽي طرفان خودڪشي واقعن کي گهٽائڻ لاءِ سفارشون

ٿرپارڪار ضلعي ۾ لاش رکڻ لاءِ سرد خانو ٺاھيو وڃي جيئن جانچ دوران انويسٽيگيشن صحيح سان ٿي سگهي. ٿرپارڪار ۾ ڪيميڪل ليبارٽري جو قيام لازمي آهي جيئن جزن جو ڪيميڪل هتي ئي ٿي سگهي. ڪراچي جي سفر کان بچي سگهجي ۽ ٽائم به بچندو. ضلعي ليول تي ھڪڙي سينئر پوليس آفيسرن ۽ ٻين سوِل سوسائٽي تي ٻڌل ڪاميٽي ٺاهي وڃي  جيئن خودڪشي  جي واقعن جي ھر حوالي سان جانچ ٿي سگھي. هر پوليس ٿاڻي  کي ڪيميڪل ٽيسٽ لاء بجيٽ ڏني وڃي. ميڊيڪل ليگل آفيسر ۽ ڊاڪٽر اھڙا ڊيوٽي تي لڳايا وڃن جن جي پوسٽ مارٽم ۾ اسپيسلسٽ ڊگري ھجي.  ٿرپاڪار ضلعي ۾ نفسياتي سينٽر کوليا وڃن ۽ اُنھن سينٽرن ۾ اُنھن سڀني ماڻهن جي معلومات ھجي جيڪي نااميدي،ڊپريشن جهڙي مشڪلات کي منهن ڏيندا پيا اچن. نفسياتي ڊاڪٽر پوليس ۽ اسپتالن ۾ مقرر ڪيا وڃن ، اھڙا ڊاڪٽر تعلقن تي مقرر ڪيا وڃن جيئن لوڪل ماڻهن جي نفسياتي مدد ٿي سگهي. جي NGOs مدد سان ھر پوليس ٿاڻي تي کُلي ڪچهري رکي وَڃي جيئن ماڻهون پنھنجيون مشڪلاتون صحيح سان ٻڌائي سگهن. ٿرپاڪر ضلعي ۾ ارلي وارننگ هيلپ لائن  جو قيام ڪيو وڃي جيئن نفسياتي مسئلن جا ڪيسن جي رجسٽريشن ٿي سگهي. ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر ضلعي ۾ سيڙپڪارن کي دعوت ڏي ۽ ضلعي جا stakeholders ضلعي ۾ معاشي اقدام وٺن جيئن  غريبن جي مدد ٿي سگهي. ڪلچر ڊپارٽمينٽ پهنجو ڪردار ادا ڪري ۽  يوسي ليول تي ٿيٽر پروگرام ڪرايا وڃن جيئن ماڻهن ۾ اخلاقيات بابت سجاڳي اچي ۽ ماڻهون پنهنجن مائٽن رشتيدارن کي اهميت ڏين. ٿرپاڪر پاپوليشن ڊپارٽمينٽ ماڻهن ۾ فيملي پلاننگ بابت سجاڳي ڏي. ٿرپاڪر ضلعي ۾ سياحت کي اڀاريو وڃي، ميلا، رانديون ۽ ٻيا اهڙا پروگرام ڪرايا وڃن جيئن لوڪل ماڻهن جي معاشي مدد ٿي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو