پي ڊي ايم سربراهه جو ڪنڌ ڪوٽ جو تفصيلي دورو

غوثپور (عبدالنبي ملڪ) پي ڊي ايم سربراه مولانا فضل الرحمان اربع تي  غوثپور ۾ درگاه شاه حسين شاه جي گادي نشين سيد محمد يعقوب شاه جيلاني جي رهائشگاه تي پھچي ويو۔ جتي هن سندس عيادت ڪئي. جنهن بعد مولانا فضل الرحمان جي يو آء اڳواڻ مير اقبال خان سندراڻي جي دڙي سندراڻي هائوس تي عذر خواهي ڪئي. مولانا فضل الرحمان جي يو آئي جي اڳواڻ ۽ پي ايس پنج جي ٽڪيٽ هولڊر حافظ ربنواز چاچڙ جي رهائشگاه تي ڳوٺ ڄام سونهارو ۾ پهچندو۔ سندس غوثپور پهچڻ تي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا ھئا۔ غوثپور ۾ پي ڊي ايم سربراھ پنھنجي مختصر ڳالھ ٻولھ ۾ چيو ته عمران خان جو وڌيڪ عرصو رھڻ ھن ملڪ لا۽ سخت نقصان ڪار آھي۔ انشاء الله اسان جي تحريڪ ڪامياب ٿيندي ۽ ھن نا اھل حڪمرانن کان عوام کي ڇوٽڪارو ملندو۔ ان موقعي تي جي يو آ۽ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومرو ۽ مولانا عبدالغفور حيدري گڏ ھئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو