پي ڊي ايم جو مهانگائي خلاف اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ جو فيصلو

اسلام آباد بيوور رپورٽ) پي ڊي ايم مهانگائي خلاف اسلام آباد ڏانهن فيصلا ڪن لانگ مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. مولانا فضل الرحمان جِي صدارت ۾ پي ڊي ايم جَي ورچوئل اجلاس دوران ملڪ ۾ تيزي سان وڌندڙ مهانگائي ۽ حڪومت مخالف تحريڪ تي مشاورت ڪئي وئي. مسلم ليگ (ن) جي سينئر نائب صدر شاهد خاقان عباسي پارا جاري ڪيل پريس بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مهانگائي خلاف صوبن هيڊڪوارٽرز ۾ مرڪزي قيادت جي موجودگي ۾ احتجاج ڪيا ويندا، جنهن بعد لاهور ۾ احتجاج بعد اسلام آباد ڏانهن مارچ شروع ڪيو ويندو. شيڊول مطابق13 نومبر تي ڪراچي، 17 نومبر تي ڪوئيٽا ۽ 20 نومبر تي پشاور ۾ مهانگائي خلاف مارچ ڪيو ويندو. لاهور ۾ احتجاج يا اسلام آباد ڏانهن لانگ مارچ جي تاريخ ناهي ڏني وئي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته پارليامينٽ ۾ نيب ترميمي آرڊيننس، چونڊ سڌارن، انٽرنيٽ تي ووٽ ڏيڻ بابت قانون سازي جي ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي. ذريعن موجب اجلاس ۾  پيپلزپارٽي جِي پي ڊي ايم ۾ واپسي تي به غور ڪيو ويو ۽ مولانا ڪجهه تحفظات ظاهر ڪيا جنهن سبب فيصلو نه ٿي سگهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو