پي پي لاڙڪاڻي ۽ نون ليگ لاهور تائين محدود هوندا، فواد

لاهور(ويب ڊيسڪ)اطلاعات جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت پي ٽي آءِ جي هوندي، پيپلز پارٽي لاڙڪاڻي تائين محدود ٿي ويندي. لاهور ۾ شهباز گل سان گڌ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته  پيپلز پارٽي کي پنجاب ۾ اڄ به ڪو اُميدوار نٿو ملي، نواز ليگ ڪي پي مان ختم ٿي وئي آهي. هن چيو ته مريم نواز ڪي پي ۾ پنهنجي شڪست جو جشن ملهائي رهي آهي، حڪومت جو مقابلو سياسي ڄامڙن سان آهي، اپوزيشن جي سياست ٽي وي جي سهاري هلي ٿي. هن چيو ته زرداري قد کان وڏيون ڳالهيون پيو ڪري، عدالت گهرائي ٿي ته وهيل چيئر تي اچن ٿا ضمانت ٿيڻ بعد ءڀڪيون ٿا هڻن، فواد چوڌري وڌيڪ چيو آهي ته ٽي وي تي ڪوريج بند ٿيڻ سان سندن سياست ختم ٿي ويندي، هنن قرض وٺي ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، اسان اڃا تائين سندن قرضن جون قسطون ڀري رهيا آهيون

پهنجو تبصرو موڪليو