پي ٽي آءِ پاران ٿيليسيميا جي مريضن لاءِ بلڊ ڪئمپ قائم

نوشھرو فيروز (ن سنڌيار)پاڪستان تحريڪ انصاف ضلعي نوشهروفيروز پاران سول اسپتال نوشهروفيروز ۾ ٿيليسميا جي ٻارڙن لاءِ بلڊ ڊونيشن ڪيمپ لڳائي وئي جنهن جو افتتاح سردار ارشاد ساند، ايم ايس سول اسپتال ڊاڪٽر خادم حسين منڱريو، ڊاڪٽر نور حسين مورو ۽ مئنيجر مجيب الرحمان خاصخيلي ڪيو ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سول اسپتال جي ايم ايس خادم حسين مڱريو چيو ته اڄوڪي ڪيمپ جيڪا ھن نوجوانن جي ڪري ٿيليسميا جي ٻارڙن لاءِ لڳائي وئي آهي الله پاڪ ھنن نوجوانن کي ان جو اجر ڏيندو.اسان ھر وقت ٿيليسميا سينٽر نوابشاهه جي ٽيم سان گڏ  آھيون ڊاڪٽر عمران جلباڻي چيو ته اڄ جي ڪيمپ ۾ جن نوجوانن رت جو عطيو ڏنو آهي انهن جا شڪرگذار آهيون اسان ڊاڪٽر صادق سيال جي ڪوششن کي سلام پيش ڪريون ٿا جيڪو هن ٽرسٽ کي هلائي رهيو آهي ٿيليسميا جي مريضن کي مفت ٽيسٽ بلڊ دوائون فراهم ڪري رهيو آهي ۽ عامر بروهي چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان اسان هر وقت ساڻن گڏ آهيون ۽ اهڙيون بلڊ ڪيمپون لڳائيندا ھر ھنڌ لڳائيندا رهنداسين ۽ رضوان ملاح چيو ته ھڪ حديث آھي ته  جنهن ھڪ انسان جي جان بچائي ان سڄي انسانيت جي جان بچائي وڌيڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي انچارج مينيجرمجيب الرحمان خاصخيلي چيو ته اسان وٽ نوابشاهه سينٽر ۾ 2300 کان وڌيڪ ٿيليسيميا جا ٻارڙا رجسٽرڊ آهن، جن مان روزانو 100 کان وڌيڪ ٻارڙن کي بلڊ لڳائڻ سان گڏ دوائون به  ڏنيون وڃن ٿيون ان موقعي تي دوست علي کوسو، امان الله بروهي، طالب حسين مبيجو، شوڪت مغل، نادر علي ڏنگراج، افضل علي منگي ۽ ٻيا موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو