پي ايس ايل فائنل، دلچسپ مقابلو، لاهور هڪ رن تان ميچ کٽي ورتي

لاهور(ويب ڊيسڪ) ايڇ بي ايل، پي ايس ايل جي فائنل ميچ ۾ لاهور قلندرز ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو۽ 20 اوورز ۾ 6 وڪيٽن تي 200 رنز ٺاهيون. جواب ۾ ملتان پاران رضوان ۽ عثمان خان 3 اوورز ۾ 40 رنز ٺاهيون، شاهين آفريدي جي ٻن اوورز ۾ 34 رنز ٺهيون.چوٿون اوور ڊيوڊ ويزي سلو بال تي عثمان کي ٽريپ ڪري بولڊ ڪيو، هن 4 چوڪن جي مدد سان 12 بالن تي 18 رنز ٺاهيون. جنهن بعد رائلي روسو ۽ رضوان شاندار اسٽروڪس کيڏندي گهربل رن ريٽ کان اسڪور 10 هين اوور تائين مٿي ئي رکيو. روسو يارهين اوور جي بال تي راشد خان چوڪو هڻي 30 بالن تي 52 رنز ٺاهي ففٽي مڪمل ڪئي پر راشد خان هڪ بال مس ڪرائي ٻئي تي بولڊ ڪيو. تيرهين اوور ۾ پولارڊ ۽ رضوان راشد خان کي هڪ هڪ چوڪو هنيو، رضوان چوڪي بعد کيس ڪيريز ڇڏي اڳتي اچي ڇڪو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڊيوڊ ويزي بائونڊري تان بال پڪڙي اڇاليو ۽ ٻاهر وڃي وري اندر اچي شاندار ڪيچ پڪڙيو ۽ رضوان 5 چوڪن جي مدد سان 23 بالن تي 34 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. ملتان 15 اوورز م 141 ٺاهيون هيون، هر اوور ۾ 12 رنز گهربل هيون، ٽم ڊيوڊ ۽ پولارڊ ڪيريز تي موجود هئا. پولارڊ شاهين کي چوڪو هنيو پر ٽئين بال تي اونچي شاٽ کيڏڻ تي فخر سندس ڪيچ ڪيو هن 16 بالن تي 19 رنز ٺاهيون. ان بعد خوشدل آيو، 3 اوورز ۾ 41 رنز گهبرل هيون شاهين پهرين بال تي ٽم ڊيوڊ کي ويزي هٿان ڪيچ ڪرايو. 160 تي 5 وڪيٽون ڪري چڪيون هيون. خوشدل شاهين کي چوڪو هنيو پر شاهين ان اوور ۾ انور علي کي بولڊ ۽ اسامه کي حارث هٿان ڪيچ ڪرائي 3 وڪيٽون ورتيون. 19هين اوور ۾ حارث کي ڇڪو هڻي سنگل وٺي عباس آفريدي کي هٽنگ ڏني جنهن لڳاتار هڪ ڇڪو ۽ 2 چوڪا هنيا ۽ ملتان کي گيم ۾ واپس آندو، حارث جي اوور ۾ 22 رنز ورتيون. آخري اوور م 13 رنز گهبرل هيون، زمان خان اوور ڪرايو،پهرين بال تي 2 رنز ٺهيون، ٻئي بال تي هڪ رن، ٽيون بال مس ٿيو، چوٿون بال به مس ٿيو پر اوور ٿرو تي 2 رنز ٺاهيون، پنجين بال تي خوشدل چوڪو هنيو ۽ آخري بال تي 4 رنز گهربل هيون، هنن 2 رنز ٺاهيون ۽ لاهور هڪ رن تان ميچ کٽي ورتي. ٻنهي ٽيمن ۾ ڪا به تبديلي ناهي ڪئي وئي. رضوان چيو ته اسين ٽاس کٽيون ها ته به بيٽنگ ڪريون ها. ان کان اڳ لاهور پاران مرزا طاهر بيگ ۽ فخرالزمان اننگ جي شروعات ڪئي، فخر ڪافي محطاط پيو کيڏي، طاهر بيگ هڪ ڇڪي ۽ 5 چوڪن جي مدد سان 18 بالن تي 30 رنز ٺاهي احسان الله جي بال تي خوشدل هٿان ڪيچ ٿيو ۽ ملتان کي پهرين وڪيٽ پنجين اوور ۾ 38 جي مجموعي اسڪور تي ملي. جنهن بعد عبد الله شفيق آيو. ٻارهين اوور م فخر هڪ ڇڪو ۽ 4 چوڪا هني 34 بالن تي 39 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، اسامه مير جي بال تي عثمان خان سندس بائونڊري تي ڪيچ پڪڙيو، لاهور جي ٽئين وڪيٽ چوڏهين اوور ۾ 111 جي مجموعي اسڪور تي ڪري، سيم بلنگ کي اسامه مير بولڊڪيو، اڳلي بال تي احسن ڀٽي کي اسامه ايل بي ڊبليو ڪيو. 15 هين اوور ۾ خوشدل سڪندر رضا کي هڪ رن تي بولڊ ڪيو ته لاهور جي مستي مري وئي. 112 تي لاهور جون 5 وڪيٽون ڪري پيون. 17 هين اوور ۾ احسان الله کي شاهين 2 ڇڪا هنيا ته 5 وائيد بال ڪري 24 رنز ڏنيون. ارڙهين اوور ۾ عبدالله شفيق 35 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي. لاهور جو اسڪور 164 ٿي ويو. 19 هين اوور جي پهرين بال تي انور علي کي شفيق ڇڪو هنيو، ٻئي بال تي چوڪو لڳس، ٽئين بال تي الٽي بيٽ سان وري چوڪو هڻي ويس، چوٿين بال تي کيس بائونڊري تي ڪيچ ڪرايو، عبدالله شفيق 2 ڇڪن ۽ 8 چوڪن جي مدد سان 40 بالن تي 65 اسڪور ٺاهيو. آخري اوور عباس آفريدي ڪرايو جنهن کي شاهين آخري بال تي ڇڪو هنيو ۽ لاهور 200 رنز ٺاهي ورتيون. شاهيرن آفريدي زبردست   بيٽنگ ڪندي 5 ڇڪن ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 15 بالن تي 44 رنز ناٽ آئوٽ رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو