پي آءِ اي نجڪاري، رياستي ادارو بند ٿيڻ نه ڏينداسين؛ چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد پي آءِ اي نجڪاري ۽ خساري ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته جعلي ڊگري رکندڙ ملازمن کي هڪ هڪ ڪري ڪڍنداسين ۽ رياستي ادارن کي بند ٿيڻ نه ڏينداسين. عدالت عظميٰ ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز جي نجڪاري ۽ نقصان واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ان دوران قومي ايئر لائين جو وڪيل نعيم بخاري، اڳوڻو معاون خصوصي شجاعت عظيم جو وڪيل پيش ٿيو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس گلزار احمد طرفان سخت رمارڪس ڏيندي چيو ته جعلي ڊگري جا ڪيس به هتي ٻڌنداسين ۽ جعلي ڊگري رکندڙ ملازمن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو ۽ انهن کي اداري مان ڪڍيو ويندو. ٻڌڻي دوران پي آءِ اي جي وڪيل نعيم بخاري عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته پي آءِ اي تي 426 ارب رپين جو قرض ٿي ويو آهي نئين انتظاميه پي آءِ اي جي بحالي ۽ خسارو گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ ان جي بحالي جو هي آخري موقعو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ايم ڊي ارشد محمود کي ڪم کان روڪي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس چيو ته آخري موقعو ڇو پي آءِ اي ڇو نه ٿي هلي سگهي پي آءِ اي نوان جهاز خريد ڪري رهيو آهي يا نه؟ جنهن تي نعيم بخاري چيو ته پي آءِ اي وٽ پيسا هوندا ته جهاز خريد ڪندو. جسٽس اعجاز الحسن رمارڪس ڏنا ته پي آءِ اي کي ملندڙ مالي بيل آئوٽ پيڪيج مهينن ۾ ختم ٿي وڃي ٿو. جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏنا ته هڪ جهاز لاءِ 700 ملازم ڪم ڪري رهيا آهن پي آءِ اي کي ادارو هلائڻ اچي ٿو يا نه؟ نجڪاري جون ڳالهيون قومي اداري سان مذاق آهن اصل ۾ نظرون پي آءِ اي جي نجڪاري تي نه پر نيويارڪ تي آهن رياستي اداري کي بند ٿيڻ نه ڏينداسين. چيف جسٽس گلزار احمد ملازمن جي جعلي ڊگرين بابت تفصيلات طلب ڪندي رمارڪس ڏنا ته پي آءِ اي ملازم الخير يونيورسٽي کان ڊگريون حاصل ڪيون آهن ۽ الخير يونيورسٽي تعليمي سرٽيفڪيٽ وڪڻي رهي آهي، جعلي ڊگرين جو ڪيس اسان هتي ٻڌنداسين ۽ جعلي ڊگري رکندڙ هڪ هڪ ملازم کي ڪڍنداسين. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 4 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو