پيپلز پارٽي ناظم جوکيو جي خاندان سان گڏ آهي، سعيد غني

ملير (ن سنڌيار) صوبائي وزير اطلاعات ۽ محنت سنڌ سعيد غني ۽ سماجي ڀلائي واري صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو سالار ڳوٺ پهچي ويا, ان موقعي تي صوبائي وزيرن سالار ڳوٺ ۾ شهيد ناظم جوکيو جي ڀاء افضل جوکيو ۽ وارثن سان ملاقات ڪئي ۽ فاتحه خواني ڪئي, ان موقعي تي صوبائي وزير اطلاعات ۽ محنت سعيد غني ۽ سماجي ڀلائي واري صوبائي وزير محمد ساجد جوکيو چيو ته هي واقعو انتهائي ڏکائيندڙ آهي ۽ هن واقعي جي پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعلي سنڌ سيد مراد علي شاه سميت سڄي پارٽي مذمت ڪئي آهي, هنن چيو ته اسان شهيد ناظم جوکيو جي سڄي فيملي ۽ سمورن وارثن کي يقين ٿا ڏياريون ته سنڌ حڪومت انهن سان گڏ بيٺل آهي, هي ڪنهن جو ذاتي فعل هو ان سان پارٽي جو ڪوبه تعلق نه آهي, هنن چيو ته پيپلز پارٽي حق سچ جو ساٿ ڏيندي آهي, پ پ ڪڏهن به ڪنهن جابر يا ظالم جو ساٿ نه ڏنو آهي, اسان عوام جا نمائندا آهيون ۽ عوام سان ٿيندڙ هر زيادتي تي آواز اٿارينداسين ۽ گڏ هونداسين, عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين, هنن چيو ته شهيد ناظم جوکيو جي وارثن کي يقين ٿا ڏياريون ته شهيد جي خون سان انصاف ڪيو ويندو, اسان اوهان سان گڏ آهيون, ڪنهن به صورت ۾ اڪيلو نه ڇڏينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو