پيٽرول پمپ مالڪن جي منافعي ۾ 99 پيسا في لٽر واڌ، هڙتال ختم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت ۽ پيٽروليم ڊيلرز ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد ملڪ ۾ هڙتال ختم ٿيڻ سان زندگي بحال ٿي وئي آهي. اربع کان وٺي پيٽرول جي جاري بحران سبب شهري سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا هئا. ڪيترن ئي پيٽرول پمپن تي ميلن تائين قطارون لڳي ويون هيون، جنهن تي شهرين حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو به بڻايو. وفاقي وزير حماد اظهر تصديق ڪئي آهي ته حڪومت پيٽروليم ڊيلرز جي مارجن ۾ 99 پئسا في ليٽر واڌ ڪندي، واڌ ڪابينا کان منظوري کانپوءِ لاڳو ٿيندي جنهن جي سمري موڪلي وئي آهي. حڪومت هر ڇهن مهينن بعد ڊيلرز جي منافعي جو جائزو وٺڻ تي به اتفاق ڪيو آهي، اڳ ۾ آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جي منافعي ۾ 71 پئسا في ليٽر واڌ جي تجويز هئي. پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين سميع خان چيو ته پيٽروليم ڊويزن 4.4 سيڪڙو جي مارجن تي اتفاق ڪيو آهي. هڙتال ختم ٿيڻ کانپوءِ جاري ڪيل بيان ۾ پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري خواجا عاطف چيو ته حڪومت طرفان کين 99 پئسا پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگو ڪرڻ جو يقين ڏياريو ويو آهي، جنهن کانپوءِ پيٽروليم ڊيلرز ايسوسي ايشن هڙتال ختم ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو