پيٽرول جي اگهن ۾ اضافي خلاف پارليمان ۾ هنگامون، شيم شيم جا نعرا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ خلاف پارليمان جي بنهي ايوانن ۾ اپوزيش جو سخت احتجاج، هنگامو، شيم شيم جا نعرا لڳندا رهيا. مقرر وقت کان منو ڪلاڪ دير سان شروع ٿيندڙ اجلاس جي صدارت ڊپٽي اسپيڪر ڪئي. قومي اسمبلي ۾ خواجا آصف ۽ ٻين بينر ۽ پلي ڪارڊ لهرائيندي چيو ته هي ڪهڙو رليف آهي مهنگائي آسمان تي پهتي آهي، رات جي انڌيري ۾ عوام تي پيٽرول بم ڪيرايو ويو آهي. کنڊ 160 روپيا ڪلو ٿي وئي آهي، هي ايوان مهانگائي جو نوٽيس وٺي. عوام لاءِ مهانگائي ناقابل برداشت ٿي وئي آهي. کنڊ ۽ اٽي جا فراڊ ڪندڙ مال ميڙي رهيا آهن. هن چيو ته فراڊ جي جاچ رپورتون ايوان ۾ پيش ڪريو. اصل ڊاڪو ته هي حڪمران آهن جن عوام جو جيئڻ جنجال ڪيو آهي. اپوزيشن جي احتجاج بعد رانا تنوير ڪورم جي نشاندهي ڪئي ته ڪورم پورو نه هو ڪاروائي سومر تائين ملتوي ڪئي وئي. ان کان اڳ ايوان کي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ بابت ٺهراءُ منظور ڪيو ويو. ٻئي پاسي ايوان بالا سينيٽ ۾ اپوزيشن هنگامون ڪيو ته شيري رحمان ۽ ٻين چيو ته ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي عوام کان جيئڻ جو حق کسي ورتو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو