پيٽرول جا اگهه اڃا وڌائڻا پوندا، شوڪت ترين

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين پيٽروليم شين تي ليوي وڌائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آھي، جيو جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين چيو آهي ته آءِ ايم ايف پي ڊي ايل وڌائڻ جو چيو آهي پر ان جو فيصلو تيل جي عالمي قيمتن کي نظر ۾ رکي ڪيو ويندو. شوڪت ترين جو چوڻ ھو تھ جيڪڏهن عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون گهٽ ٿيون ته حڪومت کي ليوي ٽئڪس وڌائڻ ۾ سولائي ٿيندي، درآمدات گھٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪجھ پابنديون لڳائڻيون پونديون، ھڪ ٻن ڏينھن ۾ حتمي ڳالھيون ٿينديون، جلد ھي معاملو حل ٿي ويندو، ھن چيو تھ پڌرنامو ايندو تھ خبر پوندي تھ آءِ ايم ايف سان ڇا طئي ڪيو آھي پر ليوي ڪجھ نھ ڪجھ تھ وڌائڻي پوندي، هن چيو ته ملز ۽ ڊيلرز جي ذخيري سبب کنڊ جي قيمت وڌي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو