پيٽرول تي ٽيڪس ختم، تيل جي گهٽ قيمت جو فائدو عوام کي ملندو، ترين

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين چيو آهي ته پيٽرول تي سمورا ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيا آهن، تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جا سمورا فائدا عوام تائين پهچايا ويندا. ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شوڪت ترين چيو ته جيڪڏهن ري فنانس نه ڪنداسين ته ٻيو ڪجهه ڪرڻو پوندو، اسان جي پئسي جي قيمت جيڪا هجڻ گهرجي ان کان 10 روپيا گهٽ آهي. شوڪت ترين چيو ته اسان جو مسئلو لوئر مڊل ڪلاس جو آهي ڇو ته لوئر مڊل ڪلاس پوئتي آهي، اسان جو مسئلو غربت ناهي، مهانگائي آهي، تيل جي اگهن تي آمريڪا ايڪشن ورتو آهي، قيمتون هيٺ اچي رهيون آهن. ناڻي واري صلاحڪار چيو ته اسان ٽيڪسن ۾ واڌ نه ڪنداسين، پيٽرول تي سمورا ٽيڪس ختم ڪري ڇڏيا آهن، تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو سمورو فائدو عوام تائين پهچائينداسين. هن وڌيڪ چيو ته اسان کي زرعي شعبي کي ترقي ڏيارڻي آهي، اسان فرٽيلائزر ڪمپنين کي گئس لاءِ 150 ارب رپين کان وڌيڪ جي سبسڊي ڏئي رهيا آهيون، ڇا اها سبسڊي هارين تائين پهچي رهي آهي؟  اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائينداسين. هن چيو ته ايس ايم ايز ڪنهن به ملڪ جي ريڙهه جي هڏي آهن، ملڪ ۾ چار کان پنج لک ايس ايم ايز آهن، اسان چاهيون ٿا ته ايس ايم ايز کي ڪريڊٽ ڪليم آساني سان ملي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو