پيٽروليم لاجسٽڪ سسٽم جي تحفظ جي پاليسي منظور

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا قومي پيٽروليم لاجسٽڪ سسٽم جي تحفظ لاءِ پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا کي گهرو ۽ توانائي وارن کاتن پاران بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ته پاليسي تحت پائپ لائن جي 500 ميٽر اندر رهندڙن جي سڃاڻپ ڪئي ويندي. علائقي جا رهواسي ذميوار هوندا ته فوري طور تي ڪنهن به نقصان جو اطلاع قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي ڏين. پائيپ لائين جي سڪيورٽي لاءِ مڪمل پلان هجڻ گهرجي. امتياز شيخ جو چوڻ آهي ته پائيپ لائين جي حفاظت جي ذميواري علائقي جي ماڻهن کي نه ڏيڻ گهرجي. ڪابينا توانائي واري وزير جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. سنڌ ڪابينا چيو ته ڪميٽي سمورن اسٽيڪ هولڊرز لاءِ بلاڪڊ سڪيورٽي پلان ٺاهيندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پارڪو 2000 ايمس آئل پائپ لائن هلائي ٿو، پارڪو ملڪ ۾ 1.75 ملين ٽن تيل جو ذخيرو پڻ ڪري ٿو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو