پيٽروليم اسڪيم تي حڪومت مشاورت ناهي ڪئي: آءِ ايم ايف

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جو چوڻ آهي ته حڪومت پيٽرول تي سبسڊي ڏيڻ تي گهٽ آمدني وارن ماڻهن لاءِ ڪا به مشاورت ناهي ڪئي. بلومبرگ موجب پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف جي نمائندي ايسٽر پرائيز چيو آهي ته پاڪستان حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن بابت موٽرسائيڪل ۽ گاڏين جي مالڪن سان لاڳاپيل اسڪيم تي عالمي مالياتي فنڊ سان رابطو يا صلاح نه ڪيو آهي.ايسٽر پرائيز چيو ته آءِ ايم ايف جو عملو چاهي ٿو ته اسڪيم جي شرطن ۽ ضابطن، لاڳت، ٽارگيٽنگ، اسڪيم جي غلط استعمال ۽ ٻين قدمن بابت تفصيلي تفصيل گهري ٿو ته حڪومت سان انتهائي محتاط انداز ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو