پينڊورا پيپرز ، کنڊ ۽ اٽي جي بحران ۾ نالا هجڻ باوجود خاموشي ڇو؟

ليکڪ  عبدالمجيد بروھي 

پاڪستان جي وفاقي حڪومت پاران پنھنجي حڪومت جي پھرين ڏينھن کان اڄ تائين پنھنجي ھر ناڪامي کي گذريل حڪومتن ۽ اپوزيشن جي کاتي ۾ وجھڻ جي ڪوشش ڪندي رھي آھي آھي وزيراعظم کان ويندي سندس ھر درٻاري وزير۽ سندن جا درٻاري اردوميڊيا جي ڪجھ اينڪرپرسن سندن جي ناڪامي کي اپوزيشن جي کاتي ۾ وجھڻ جي ڪوشش ڪندا رھيا آھي پر کين وفاقي حڪومت جي ڪرپشن کي اھي ڏسي بـ چپ ڇو آھن  ڪرپشن ڪرپشن ڪرپشن ڪندڙ اڄ تائين پنڊورا پيپرز بابت ڇو چپ سبي ڇڏيا آھن پينڊورا پيپرز ۾ ملوث وزيرن ۽ مشيرن جو ڇا ٿيو ڪيترائي مھينا گذري چڪا آھن اڄ تائين سواء ھڪ سيل قائم ڪرڻ جي وزيراعظم انھن خلاف ڇا ڪيو آھي شروعاتي حڪومتي وقت ۾ جيئن ڪنھن تي ڪو ڪرپشن جو الزام لڳندو ھيو تـ فورن عمران نيازي ميدان تي اچي ڪري ان وزير۽ مشير کي ڏيکاء خاتر وزارت تان ھٽائيندو ھيو ء پوء وري کيس ٻيو کاتو ڏنو ويندو ھيو پر پاناماپينڊورا پيپرز ۾ ملوث وزيرن مشيرن کي ھن ڀيري نيازي صاحب ڏيکاء خاطر بـ ھٿ ناھي لاٿو ڇو جيڪي وزيرمشير ڪرپشن ڪن ٿا انھن جو ماسٽر تـ وزيراعظم کي قرار ڏئي سگھجي ٿو  ڪرپشن ڪرپشن جو راڳ ڳائيندڙن جي حڪومت ۾ ڪرپشن ھيٺين سطح تائين وڌيل آھي اڄ پوري دنيا آڏو ھنن حاجين جو چھرو وائکو ٿي چڪو آھي ھاڻي ھي ڪھڙي منھن سان عوام کي اھو چوندا تـ گذريل حڪومت جي ڪري سڀ ڪجھ وڌيل آھي ڪرپشن تـ ھنن جي حڪومت ۾ وڌيل آھي صرف ڪرپشن نـ پر مھانگائي پڻ عروج تي پھتل آھي پيٽرول جي قيمتن کي پنجاھ روپين تائين گھٽ ڪرڻ جي ڳالھ ڪندڙ اڄ ڪلھ ھر پندرنھين ڏينھن ۾ پيٽرول جي قيمتن کي وڌائيندا رھن ٿا  ھن وقت پئٽرول في ليٽر 146 روپين تائين نيازي صاحب پھچائي چڪو آھي ايندڙ ڪجھ ڏينھن ۾ پڻ پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو ٿيڻ جو چٽو  امڪان آھي حڪومت جي نااھلي ۽ عوام دشمني جي ڪري مھانگائي عروج تي پھتل آھي ھر شئي چا اگھ چوٽ چڙھيل آھن  پاڪستان ۾ ھن وقت وچولي طبقي جو حال ابتر آھي ائین کٹي چئجي تھ وچولي طبقي کي ئي ھنن حڪمرانن ختم ڪري چڏیو آھي ھینئر پاڪستان ۾ امیر ۽ انتھائي اميرٿيندو پيوـوڃي ۽ ٻيو غريب ويتر غربت جي ڄار ۾ ڦاسندو ٿو وڃي  ھن وقت تائین حڪمرانن پاران صرف ٻاھرین ملڪن کان قرض وٺي پنھنجا پیٽ ڀریا آھن یا تـ انھن جي نا اھلي ۽ اڻ تجربیڪاري جي ڪري انھن جي ھٿن مان سڀ ڪجھ نڪري چڪو آھي ھڪ طرف ھن ملڪ جي عوام کي آء ایم ایف ۽ ورلڊ بئنڪ جي ڏسیل حڪمن تحت ھي ھلائي رھیا آھن جنھن تحت صرف امیر ماٹھن کي ئي. ھي حڪمران فائدو ڏئي رھیا آھن باقي غریب ماٹھون ٻن ویلن جي ماني کائڻ بجاء ھڪ ویلي جي ماني لا ء بـ پریشان آھن ڪیترا غریب اھڙا بـ آھن جیڪي ویچارا ڪڏنھن تـ  بغیر ماني کائڻ جي ئي رات جاڳي گذرین ٿا ۽ صرف پاٹي ۽ سڪل ماني تي گزارو ڪن ٿا ھن ملڪ جي عوام کي ھنن عوام دشمن ملازم دشمن  نااھل حڪمرانن انتھائي ڏکي دور ۾ پھچائي ڇڏیو آھي. ھي جڏنھن کان حڪومت ۾ آیا آھن ان ڏینھن کان اڄ تائين ملڪ جي عوام  لاء ڪجھ بھ ناھن ڪري سگھیا ۽ نـ ئي ڪو عوامي پروگرام ھن ملڪ جي عوام کي ڏئي سگھیا آھن نـ  ئي ھن وقت تائین ڪو ترقیاتي پروجیڪٽ ڏئي سگھیا آھن  صرف پرائي میگا پرجیڪٽس تي پنھنجي نالي جي تختین کي ھٹي اھو سمجھن ٿا تـ اھي وڏو ڪم ڪري رھیاآھن عوامي پروگرام ٺاھڻ پري جي ڳالھ آھي پر پ پ پ جي عوامي حڪومت پاران شروع ڪيل عوامي بلائي واري پروگرام جنھن  پوري دنیا ۾ مڃتا ماٹیل بینظیر انڪم سپورٽ پروگرام تي نظر وڌي ۽ انجو نالو تبدیل ڪري ان کي ٻیو نالو ڏئي ان پروگرام تي پنھنجي تصویر ھٹي اھو سمجھیائین تـ ھن وڏو ڪم ڪیو آھي پر پاڪستان جي عوام کيس ان وقت ئي اھو جواب ڏنو ھيو تـ ھي سڀ ڪجھ تـ پ پ پ وارن جو شروع ڪيل آھي اوھان جو ھن ۾ ڪو بـ ڪردار نـ آھي . چوڻ جو مقصد صرف اھوآھي تـ ھن وقت تائین ھن عوام لاء ڪجھ بھ ناھي ڪیو صرف ڪوڙا واعدا ۽ ڪوڙا الزام ھٹڻ کانسواء ھن وقت چانورن اٽو  ڪڻڪ  جي اٽي جو حال بـ ساڳیو آھي چانور کائڻ غریب جي وس جي ڳالھھ ناھي رھي گيھ کنڊ ۽ اٽي جون قيمتون ايتريون تـ وڌي ويون آھن جو غريب پاڪستاني مسلسل مشڪلاتن جي گھيري ۾ اچي ويا آھن کنڊ 160 روپيا في گيھ 380 روپيا ڪلو اٽو پڻ وڃي سينچري ھڻڻ جي چڪرن ۾ آھي مرغي جو گوشت 400 کان پنج سئو روپيا وڏو گوشت ھزار روپيا ننڍو گوشت پندرنھن سئو کان مٿي ٿي چڪو آھي دال پٽاٽا مرچ مطلب تـ عام واھپي جي ھر شئي جا اگھ ھنن حڪمرانن جي نااھلي جي ڪري عوام جي پھچ کان ڪافي پري آھن  ھن وقت حڪمرانن صرف اپوزیشن خلاف ڏینھن رات پریس ڪانفرنسز ڪرڻ ۾ پورا آھن اھي اگر ایترا پروگرام ۽ پنھنجي ایتري انرجي غریب عوام جي فلاح لاء استعمال ڪن ھا تـ شاید کین ڪو رستو ملي بـ وڇي ھا تـ غریبن کي رلیف ڪیئن ڏجي ھي جیڪي پیسا اپوزیشن جي ڪردار ڪشي ڪرڻ لاء میڊیا تي ۽ ٻاھرين ملڪن ۾ وڃي خرچ ڪري اچن ٿا جيڪڏنھن ایترا پیسا  ھي غریب عوام کي عام واھپي جي شین جي لاء سسبسڊي ڏین ھا تھ شاید اڄ مھنگائي ۾ ڪجھ ڪمي آٹي سگھن ھا پر   ھنن کي غریب عوام سان ڪا  بـ ھمدردي وغیرا نـ آھي ھي صرف زخیرا اندوزن ڪٹڪ چانور کنڊ۽ پيٽرول بجلي گئس جا اگھ وڌائي صرف عوام کي لٽي ڦري رھيا آھن ھي عوام کي ٻنھي ھٿن سان لٽي ڦري اربین روپیا عوام کان اوڳاڙي بعد ۾ ڪمیشن ٺاھي وري اھو چوڻ تـ  اسان رپورٽ منظر تي آٹینداسین رپورٽ منظر تي آٹڻ سان ڪجھ بـ نـ ورندو اڳر واقعي توھان قوم سان سچا آھیو تـ پوء جیڪي ماٹھون ملوث ھجن انھن خلاف ڪاروائي ڇو نٿا ڪریو سال گذري ويا آھن کنڊ ۽ اٽي دوائن پيٽرول اسڪينڊل ۾ ملوث ماڻھن جي نشاندھي بعد  ڪٿي آھن کنڊ جا چور ڪٿي گم آھن اٽي جا چور اوھان دوائن ۽ ماسڪ جي چورن خلاف ڪھڙي ڪاروائي ڪئي آھي پیٽرول مافیاز جو ڇا ٿیو یوریا ۽ڊي اي پي تي مال ڪمائیندڙن کي اڄ تائین توھان ڇا ڪیو آھي صرف ۽ صرف ڪوڙا واعدا ڪوڙیون ڳالھیون ڪرڻ سان ڪجھ بـ نـ ٿیندو اھي سڀ چور ھن وقت پاڪستان ۾ گھمي ۽ ڦري رھیا آھن پر اوھان جي اثر ھیٺ ھلندڙ نیب جو ادارو انھن کي گرفتار نٿي ڪري جيڪڏھن انھن خلاف ھڪ سال اڳ ۾ ڪاروائي ڪريو ھا تـ اڄ وري کنڊ اٽي ۽ ڊي اي پي ڀاڻ جو بحران پيدا نـ ٿي ھا اوھان يا تـ نااھل آھيو يا تـ انھن سڀني کنڊ اٽو پئٽرول دوائن ۽ ڊي اي پي مافياز سان مليل آھي انجي ڪري تـ اڄ تائين انھن خلاف ڪاروائي نٿي ٿئي اوھان کي خبر ھجڻ گھرجي تـ اڃ پوري ملڪ ۾ ڊي اي پي ڀاڻ جي في ٻوري 8000 ھزار روپين ۾ وڪرو ٿي رھي آھي ھاڻي جيڪي غريب ھاري آبادگار ڪڻڪ جي پوکائي ڪندا اھي ڊي اي پي ڀاڻ تـ زمين ۾ لازمي وجھندا ان کان علاوا اوھان بجلي ۽ پيٽرول جي قيمتن ۾ ايترو تـ اضافو ڪيو آھي جو غريب ھاري پريشانين ۾ وٺجي ويا آھن مھانگي اگھن تي ڪڻڪ جو ٻيڄارو وٺن ان بعد اٺ ھزار روپين ۾ ڊي اي پي ڀاڻ جي في ٻوري وٺن انـوقت تائين جڏنھن ڪڻڪ جي پوکائي ٿئي شايد ڊي اي پي ڀاڻ جي في ٻوري ڏھ ھزار تي وڃي پھچندي ۽ پيٽرول في ليٽر اوھان 200 تائين پھچائيندئو ھاڻي اوھان پاڻ ٻڌايو ڇا انھن مسڪين ھارين جوـخرچ اوھان پاران ڪڻڪ جي مقرر ڪيل امدادي رقم مان نڪرندو نـ ھر گز بـ نـ  اھو سڀ ڪجھ اوھان جي وزيرن ۽ مشيرن جي ڪرپشن جي ڪري ٿي رھيو آھي جيڪڏنھن اوھان انھن سڀني مافياز خلاف ڪاروائي ڪريو ھا تـ شايد اڄ ملڪ ۾ ايتري مھنگائي بـ نـ۔  ھجي ھا اوھان جن جي خلاف ڪمیشنز جا رپورٽ اچي چڪا آھن انھن کنڊ چورن اٽي جي چورن دوائن جي چورسمیت پئٽرول مافیاز کي گرفتار ان جي لاء اھي نيب وارا نٿا ڪن ڇو تـ اھي وزیر اعظم صاحب جا اي ٽي ایم آھن عوام اڄ بک ۽ بدحالي جو شڪار آھي پر انھن جي لاء ڪو پروگرام آٹڻ بجاء حڪومت صرف بیان بازي تي گذارو ڪري رھي آھي اڄ انھن جي منھن تي جيڪي ڏينھن رات اپوزيشن وارن کي ڪرپٽ ڪرپٽ چور چور چوندا آيا آھيو اوھان جا اھي ڊراما ھاڻي پاڪستاني قوم کي سمجھ ۾ اچي ويا آھن   اوھان اڳ ۾ پينڊورا پيپرز ۾ ملوث وزيرن مشيرن فورن ڪابينا مان ھٽايو انھن کي بـ گرفتار ڪرايو کنڊ اٽو دوائن پيٽرول چورن جي پٺڀرائي بند ڪري انھن کي بـ جيل ۾ بند ڪرايو  ھاڻي تـ ھي سرٽيفائيفائيڊ ڪرپٽ قرار ڏنل آھن ھاڻي ھي ڪھڙي منھن سان مخالفن کي گھٽ وڌ ڳالھائيندا عوام نـ ئي ھاڻي اوھان جي بيانيئي تي ڌيان ڏيندي ۽ نـ ئي اوھان جي پاناماپينڊورا پيپرز ۾ چور قرار ڏنل وزيرمشيرن جي ڪوڙ تي اعتبار ڪندا. Brohimajeed123@gmail.com

پهنجو تبصرو موڪليو