پيمرا پاران اڄ ڪنهن به ريلي يا جلسي جي ڪوريج تي پابندي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي (پيمرا) اڄ ڪنهن به قسم جي ريلي، عوامي ميڙ جي لائيو يا رڪارڊ ٿيل ڪوريج تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.پيمرا طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اڄ کان ڪنهن به پارٽي، تنظيم ۽ فرد جي جلوس جي لائيو يا رڪارڊ ٿيل ڪوريج تي پابندي لڳائي وئي آهي.بيان ۾ چيو ويو آهي ته اڄ جڊيشل ڪمپليڪس اسلام آباد کان جلوس، ريلي جي لائيو يا رڪارڊ ٿيل ڪوريج تي به پابندي آهي.پيمرا طرفان پابندي پيمرا ايڪٽ جي سيڪشن 26 اي تحت لاڳو ڪئي وئي آهي.پيمرا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي رپورٽ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ چيو ته جلسي جي نشريات تي پابندي رڳو اسلام آباد ۾ لاڳو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو