پوليس پڪٽ تي ڌاڙيلن جو حملو 3 اهلڪار زخمي، آپريشن جاري

شڪارپور (ڊ ر)ڳڙھي تيغو ۾ پوليس پڪٽ تي ھٿياربندن جو حملو، حملي جي نتيجي ۾ ايس ايچ او خانپور ۽ 2 ٻيا اھلڪار زخمي ٿي پيا، شڪارپور پوليس مطابق زخمين کي طبي امداد لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، طبي امداد بعد ايس ايچ او خانپور رالف پٺاڻ ۽ اھلڪار واحد بخش ڀٽو کي سکر جي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس اھلڪار واحد بخش ڀٽو جي حالت تشويشناڪ ۽ ايس ايچ او جي حالت خطري کان ٻاھر ٻڌائي پئي وڃي، واقعي بعد علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آھي، سرچ آپريشن ۾ بڪتربند گاڏيون، اي پي سي چين ۽ 200 کان وڌيڪ پوليس اھلڪار حصو وٺي رھيا آھن، آپريشن دوران ڌاڙيلن جي ڪافي ٺڪاڻن کي مسمار ڪري باھ ڏني وئي آھي، علائقي ۾ ناڪابندي ڪئي وئي آھي ۽ حملي آورن جي تلاش جاري آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو