پوليس ثبوت ضايع ڪيا، جاچ عدالتي نگراني ۾ ڪرايو،شيرين

ملير(ن سنڌيار) شهيد ناظم جوکيو جي وني شيرين جوکيو سنڌ واسين کي اپيل ڪئي آهي ته منهنجي ور جو خون پوليس لوڙهي رهي آهي، مونکي وڪيلن ٻڌايو آهي ته پوليس ثبوت ضايع ڪري رهي آهي. ناظم جي موبائيل مان ڊيٽا ضايع ڪئي وئي آهي، فورينزڪ ليبارٽري ۾ به ثبوت مٽائڻ جو خدشو آهي. قاتل طاقتور آهن هو پيسي جي زور تي ڪجهه به ڪري سگهن ٿا. مان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس کي اپيل ٿي ڪريان ته جاچ عدالت جي نگراني ۾ ڪرائي وڃي. هن چيو ته مان سنڌ جي باشعور عوام کي اپيل ٿي ڪريان ته هو هن ڪيس جي مالڪي ڪن ۽ ڀوتارڪي فرسودا نظام جي خاتمي لاءِ هن ڪيس کي ضايع ٿيڻ نه ڏين.

پهنجو تبصرو موڪليو