پورهيت جي هوٽل مان سولر ۽ بيٽري چوري، پوليس خاموش

خانواهڻ( ن سنڌيار)نوشھرو فيرو ضلعي ۾بدامني چوٽ چڙھي وئي آهي، چوري ۽ ڦر جي واردات ڪا رات خالي ناهي. گذريل رات خانواهڻ ٿاڻي جي حد ۾ نامعلوم چور غريب پورهيت معشوق ڀنڊ هوٽل واري جي يوپي ايس بيٽيرين سميت قيمتي سامان چوري ڪري ويا. چور ديده دليري سان فرار پوليس چورن اڳيان بي وس بڻيل آهي. ڪيترائي واقعا مختلف ٿاڻن تي رپورٽ ٿيا آهن پر ڪنهن کي به چوري واپس نٿي ملي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو