پورهيتن جي پوليس اختيارين کي انصاف جي اپيل

ڳڙهي ياسين(توفيق احمد ) ڳوٺ مينھون منگي جي رھواسين نياز احمد منگي۽ ڀورل منگي احتجاج ڪندي چيو ته غلام شبير منگي ۽ سندس جي پٽن راشد علي منگي، نوشاد احمد منگي ۽ بادشاهه عرف باشن منگي اسان سان جڳھ جي معاملي تي لکين روپين جو فراڊ ڪيو آهي انهيَ موقعي تي ھنن دانھيندي چيو ته شبير احمد منگي کان اسان 25 لک روپين ۾ جڳھ ورتي ھئي غلام شبير منگي پئسا اسان کان وٺي جڳھ ٻي ڌر کي ڏئي قبضو توڙي کاتو ڄاڻايل ڌر کي ڏئي فرار ٿي ويو آهي علائقي جي چڱن مڙسن کي شڪايتون ڪيون آهن پر ڪير به مدد ڪرڻ تيار ناهي، بار بار رشتيدارن معرفت ساڻن کان پيسن جي گھر ڪندا اچون پيا جنهن تان مڇرجي غلام شبير منگي ۽ سندس جا پٽ اسان جي ڳوٺ مينھون منگي واري گھر مٿان حملو ڪري جان کان مارڻ جو ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن جنهن جو اسان ڳڙھي ياسين ٿاڻي تي اطلاع ڏنو آهي پر پوليس ڪاروائي نٿي ڪري. ھنن آء جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي شڪارپور تنوير تنيو کان نوٽس وٺي جوابدار گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو