نيوزيلينڊ 5 وڪيٽن تان انگلينڊ کي شڪست ڏني فائنل ۾ پهچي وئي

دبئي(ويب ڊيسڪ)ابو ظهبي جي شيخ زيد اسٽيديم ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پهرين سيمي فائنل ميچ ۾ نيوزيلينڊ 19 هين اوور ۾ 5 وڪيٽن تان ميچ کٽي فائنل ۾ پهچي وئي. انگلينڊ نيوزيليند کي 167 رنز جو ٽارگيت ڏنو هو جيڪو هڪ اوور باقي هو ته پورو ٿي ويو. ڊيرل مچل 47 بالن تي 68 رنز اسڪور ڪيون چار ڇڪا ۽ 4 چوڪا هنيا ۽ ناٽ آئوٽ رهيو. کيس مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

نيوزيلينڊ پاران مارٽن گپٽل ۽ ڊيرل مچل اننگ شروع ڪئي، ووڪس جي پهرين بال تي گپٽل چوڪو هنيو، ٻيو مس ڪرڻ بعد ٽئين بال تي گپٽل معين هٿان ڪيچ ٿيو ۽ انگلينڊ پهرين اوور ۾ بريڪ ٿرو حاصل ڪيو. جنهن بعد ڪپتان ڪين وليمسن آيو جنهن 11 بالن تي 5 رنز اسڪور ڪيون ۽ فضول شاٽ کيڏندي ووڪس جي بال تي عادل رشيد هٿان ڪيچ ٿيو. پاور پلي ۾ 36 تي 2وڪيٽون ڪري پيون ۽ هلندڙ ٽورنامنٽ ۾ نيوزيلينڊ جو پاور پلي ۾ گهٽ ترين اسڪور هو جنهن بعد ڊيرل مچلز ۽ وڪٽ ڪيپر ڊيوون ڪانوائي اسڪور اڳتي وڌايو. 11 اوورز ۾ اسڪور 73 تي پهچايو. 14هين اوور ۾ڊيوون ڪانوائي 38 بالن تي 46 رنز ٺاهي ليم لونگ اسٽون جي بال تي ڪيپر هٿان اسٽمپ آئوٽ ٿيو، 95 تي 3 آئوٽ ٿي چڪا هئا. هن هڪ ڇڪو ۽ 5 چوڪا هنيا. جنهن بعد گِلين فلپس آيو پر هو به 4 بالن تي 2 رنز ٺاهي بائونڊري تي ڪيچ ٿيو. ان وقت 29 بالن تي 60 رنز گهربل هيون. ڪرس جورڊن 17 هون اوور ڪرايو جنهن ۾ اسڪور 133 تائين پهچرايو، نشام ٻه ڇڪا هڪ چوڪي ۽ ٻح ڊبل ۽ 3 وائيڊ بال هئا. 18 هون اوور عادل رشيد ڪرايو ٻئي بال تي نيشام ڇڪو هنيس، ٻيو ڇڪو ڊيرل مچل هڻي ففٽي مڪمل ڪئي پر آخري بال تي نيشام کي ڪپتان هٿان ڪيچ ڪرايو هن 11 بالن تي 27 رنز ٺاهيون. نيوزيلينڊ کي آخري ٻن اوورز ۾ 20 رنز فتح لاءِ گهربل هيون. 19هين اوور ۾ ووڪس جي 3 بالن تي 14 رنس حاصل ڪري نيوزيلينڊ فتح جي قريب ٿي وئي. ڊيرل مچل کيس لڳاتار ٻه ڇڪا هنيا ۽ آخري بال تي چوڪو هڻي نيوزيلينڊ فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.ابو ظهبي جي شيخ زيد اسٽيديم ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پهرين سيمي فائنل ميچ ۾ انگلينڊ نيوزيليند کي 167 رنز جو ٽارگيت ڏنو آهي. نيوزيلينڊ ٽا س کٽي فيلڊنگ جو فيصل ڪيو، انگلينڊ پاران جوز بٽلر ۽ جوني بيئر اسٽوو اننگ اوپن ڪئي. ٽم سائوٿي کي محطاط انداز سان کيڏندڙ انگلش بيٽسمين ٻئي اينڊ تان بولنگ ڪندڙ ٽرينٽ بولٽ مان ڪسر پوري پئي ڪئي ۽ پاور پلي جي آخري اوور جي شروع ۾ بيئر اسٽوو کي ايڊم ملني جي بال تي ڪپتان وليمسن ڪيچ ڪيو، شاندان ڪيچ هو هن ٻن چوڪن جي مدد سان 17 بالن تي 13 رنز ٺاهي 37 جي مجموعي اسڪور تي آئوٽ ٿيو. جنهن بعد ڊيوڊ ملن آيو ته هن جارحاڻي انداز ۾ کيڏيو. نائين اوور م جوز بٽلر53 جي مجموعي اسڪور تي 4 چوڪن جي مدد سان 24 بالن تي 29 رنز ٺاهي سوڍي جي بال تي ايل بي ڊبليو آئوٽ ٿيو.

جنهن بعد معين علي ۽ ڊيوڊ ملن به رن ريٽ 7 کان گهٽ ڪرڻ نه ڏنو. ڊيوڊ ملن هڪ ڇڪي ۽ 4 چوڪن جي مدد سان 30 بالن تي 41 رنز ٺاهي سائوٿي جي بال تي ڪيپر ڊيوون ڪانوائي هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد ليم ليونگ اسٽون آيو. معين علي فري اسٽائيل ۾ شاٽ کيڏڻ شروع ڪيا ۽ 3 اوورز ۾ اسڪور 110 کان 146 تي پهچايو ارڙهين اوور جي پهرين ۽ آخري بال تي ڇڪا لڳا.  آخري اوور ۾ ليم لونگ اسٽون نيشام جي بال تي بائونڊري تي مچل هٿان ڪيڇ ٿيو هن هڪ ڇڪي ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 10 بالن تي 17 رنز ٺاهيون. آخري 4 بال باقي هئا ته مورگن آيو پر معين علي چوڪي هڻي 36 بالن تي ففٽي ڪئي. آخري ٻه بال مورگن کيڏيا 4 رنز ٺاهيو آخري بال تي آسان ڪيچ ڊراپ ٿي ويو، انگلينڊ مقرر اوورز ۾ 4 وڪيٽن تي 166 رنز ٺاهيون. معين علي 51 ۽ مورگن 4 تي ناٽ آئوٽ رهيا.

پهنجو تبصرو موڪليو