پنهنجي پنھنجي حصي جو ڪم

جاويد سولنگي

انسان پنھنجو پاڻ ۾ ھڪ ڪائنات آھي، ھڪ اھڙي تخليق جيڪا اڻ ڳڻين صلاحيتن جو محور بہ آھي تہ مجموعو بہ. حقيقت ۾انسان اڃان تائين پنھنجن لڪيل صلاحيتن کي ھو پاڻ ئي ناھي پرکي سگهيو. يا وري جيڪڏهن هو پنهنجي ڪجھ صلاحيتن کان واقف آهي ته هو انهن کي پنهنجي برادري، معاشري يا سماج جي بهتري لاءِ استعمال کان عاري آهي.  توھان دنيا جي ڪنھن بہ ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رھو پوءِ اوھان پنهنجي برادري ۽ معاشري جو حصو آھيو. ھن معاشري ۾ ھڪ فرد جي حيثت سان، جنھن معاشري ۾ اسان رھو ٿا ان معاشري کي بھتر ڪرڻ ۾ اسان جي ھنر، اھليت،صلاحيت، تجربي، ساٿ ۽ مدد جي ھر گهڙي ڪٿي نہ ڪٿي ضرورت ھجي ٿي. اسان اها زميواري پنھنجي حصي جو ڪم ننڊي ۽ وڏي سطح تي انجام ڏئي ڪري ادا ڪري سگهون ٿا. اسان جي آس پاس اھڙا کوڙ سارا ماڻھون رھن ٿا جيڪي اسان جي مدد جا گهرجائو آھن ۽ اسان جي ننڊڙي ڪوشش انھن جي چھري تي مرڪ آڻي سگهي ٿي. جڏھن بہ اوھان کي موقعو ملي اوهان پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار رهو، پنھنجي روزانہ واري زندگي ۾ ضرورتمندن جي مدد ڪريو، جيتوڻيڪ اھا مدد ظاھري طور تي اوھان کي وڏي محسوس نہ ٿئي پر ان ضرورتمند لاءِ شايد تمام اھم ھجي. مثال طور، اڄڪلھ ڪجھ دوست نجي ۽ گڏيل طور تي سوشل ميڊيا خاص طور تي ٽوئيٽر جو پليٽ فارم استعمال ڪندي پنھنجي حصي جو ڪم سرانجام ڏئي رھيا آھن، ڪي ڪتاب گڏ ڪري پنھنجي علائقي ۾ لائبريري کولي رھيا آھن، ڪي وري نياڻن جي تعليم لاءِ پاڻ پتوري رھيا آھن تہ ڪي وري اسڪولن ۾ فرنيچر ۽ شاگردن جي يونيفارم ڏيڻ ۾ مدد ڪري رھيا آھن. مدد ڪهڙي به وقت ۽ ڪنهن بہ صورت ۾ ڪري سگهجي ٿي، ڪنهن معذور يا پوڙهي شخص کي روڊ پار ڪرائڻ، ڪنهن بي گھر ماڻهون جي مالي مدد ڪرڻ، پنهنجي نوڪري واري جڳھ تي ڪنهن پريشان ساٿي جي پريشاني حل ڪرڻ. اوهان شايد ڪيترين ئي ڏهاڪن جي عملي علم ۽ دنياوي تجربي مان گذريا هجو جنهن مان کوڙ سارا نوجوان فائدو حاصل ڪري سگھن ٿا. اوهان پنهنجي علائقي يا برادري جي رضاڪارانا طور تي مدد ڪري سگھو ٿا. هفتي ۾ ٿورو وقت پنهنجي علائقي جي خوشحاليءَ لاءِ وقف ڪري انهن جو مستقبل روشن ڪري سگھو ٿا. اوهان پنهنجي برادري ۾ اهڙو ڪم يا پيشو تلاش ڪريو جيڪا اوهان لاءِ ۽ اوهان سماج لاءِ ڪارائتو رهي. ان پيشي جي ذريعي اوهان پنهنجو گذرسفر به ڪري سگھو ٿا ۽ ان سان گڏو گڏ معاشري جي سڌي يا اڻ سڌي طرح مدد به ڪري سگھو ٿا. جيڪڏهن اوهان ڪنهن ڪاروبار يا فيڪٽري جا مالڪ آهيو ته پهرين ڪوشش پنهنجي علائقي جي ماڻهن کي نوڪري تي رکڻ جي ڪيو. ان سان اوهان جي علائقي ۾ خوشحالي به ايندي ته ترقي به ۽ اوهان کي به پنهنجي حصي جو ڪم ڪرڻ جو موقعو ملي ويندو. جيڪڏهن اوهان وٽ مالي وسيلا آهن ته پوءِ اوهان ان جي خيرات يا عطيو به ڪري سگھو ٿا. ان سان ڪنهن غريب کي ٻن ويلن جي ماني ملي ويندي ۽ اوهان کي ثواب سان گڏ ٻين کي مثال ملي ويندو. ڇاڪاڻ جو صدقو ڏيڻ اوهان جي چوگرد موجود ٻين ماڻهن لاءِ به مثال قائم ڪندو. هو اوهان کي خيرات ڪندي ڏسندا ته انهن کي ان جي لاءِ حوصلو ملندو. ضروري ناهي ته اوهان پاڻ کي صرف مالي مدد ڏيڻ تائين مهدود رکو، اوهان پنهنجي استعمال هيٺ رهندڙ شيون جهڙو ڪه استعمال ٿيل ڪپڙا وغيره  به حقدارن کي ڏئي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري سگھو ٿا. جيڪڏهن اوهان فارغ ويٺا آهيو ۽ پنهنجي اسڪول يا ڪاليج جي شاگردن کي پنهنجي ڄاڻ سان انهن جي علم ۾ واڌارو آڻي سگھو ٿا. ٻين ماڻهن کي عملي علم ۽ روزمره جو هنر ۽ مدد ڏيڻ اوهان جي طرفان پنهنجي برادري ۾ شرڪت ۽ گڏيل طور تي معاشري کي بهتر ڪرڻ جو هڪ بهترين طريقو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو