پنجاب ۾ شگر مل مالڪ ورهائجي ويا،ترين پاران پنهنجون سموريون ملون هلائڻ جو اعلان

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ شگر ملن جا مالڪ پاڻ ۾ ورهائجي ويا، جنهن سبب ڪرشنگ شروع نه ٿي سگهي.ذريعن موجب شريف خاندان جي رمضان شگر ملن ۾ ڪرشنگ شروع ٿي چڪي آهي، جڏهن ته جهانگير ترين به پنهنجون سموريون شگر ملون هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته شگر مل مالڪن ۽ وفاقي حڪومت وچ ۾ کنڊ جي برآمد تي تڪرار اڃا تائين جاري آهي، جنهن سبب پنجاب ۾ اڄ ڪمند جي ڪرشنگ شروع نه ٿي سگهي آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته پنجاب حڪومت اڄ کان ڪرشنگ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ هاري ڪمند جو فصل تيار ڪرڻ کانپوءِ ڪرشنگ جو انتظار ڪري رهيا آهن، دير سان هارين کي سخت مالي نقصان ٿي رهيو آهي.شگر ملز ايسوسي ايشن جي ذريعن موجب شگر مل مالڪن ڪمند خريد ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ مل مالڪن جو چوڻ آهي ته حڪومت کنڊ جي ايڪسپورٽ جي اجازت ڏني ته هو ڪرشنگ شروع ڪندا.ذريعن جو چوڻ آهي ته شگر ملز مالڪ کنڊ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪري رهيا آهن، شگر مل مالڪن به ڪمند جي اگهه ۾ فوري طور تي 15 رپيا في ڪلو واڌ جو مطالبو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو