پسند جو پرڻو، مائٽ جان جا ويري ٿي ويا، تحفظ ڏيو

ٽنڊوباگو (رپورٽ سھيل سمون)يونين ڪائونسل پيرولاشاري جي ڳوٺ گھڙو جي رھواسي علي حسن خاصخيلي رضيه ولد ارباب خاصخيلي سان پيار جو پرڻو ڪرڻ بعد دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن، علي حسن ۽ رضيه صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ٻنھي پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو آھي اھڙي خبر رضيه جي مائٽن کي جڏھن پئي ته ھو جان جا ويري ٿي ويا آھن رضيه جو وڌيڪ چوڻ ھو ته منھنجو والد ارباب ۽ ٻيا عزيز اسانکي ڪٿي رھڻ ئي نه پيا ڏين مختلف ماڻھن ھٿان نياپا پڻ ڏياري اماڻيا اٿن ته آئون علي حسن کي ڇڏي واپس اچان جڏھن ته آئون عاقل بالغ آھيان پنھجو برو ڀلو سمجھان ٿي جڏھن ته مون پنھجي رضا خوشي سان علي حسن ولد خوشي محمد خاصخيلي سان پنھجي مرضي مطابق عدالت سڳوري ۾ پيار جو پرڻو ڪيو آھي تنھن کانپو۽ منھجا مائٽ منھجا ۽ منھجي مڙس جي جان جا ويري بڻجي ويا آھن ھنن ايس ايس پي بدين ايس ايڇ او تلھار کان تحفظ جي گھر ڪندي ڌمڪيون ڏيندڙن خلاف فوري ڪاروائي جو مطالبو پڻ ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو