پرڻيل ناري اغوا، وڏيري ۽ مائٽن خلاف پٽيشن، عدالت ۾ طلب

خيرپور(ن سنڌيار)پيڪين گهمڻ آيل ناري مبينا طور اغوا ٿي وئي، ناري جي والد وڏيري ۽ برادري جي ماڻهن خلاف پٽيشن داخل ڪرائي ڏي. 3 مهينا اڳ شادي ڪندڙ مسمات شميم دستي جي والد غلام اصغر دستي پنهنجي ئي برادري جي ماڻهن خلاف پٽيشن داخل ڪرائيندي الزام مڙهيو آهي ته جوابدار سندس گهر ۾ گهڙي هٿيارن جي زور تي سندس ڌيءَ مسمات شميم کي اغوا ڪري ويا ۽ کيس باندي بڻائي ڇڏيو آهي. درخواستگذار عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته سندس ڌيءَ کي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي، فورٿ ايڊيشنل سيشن جج عبدالرحيم چانڊيو جي عدالت جوابدارن کي نوٽيس جاري ڪندي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو