پروموشن نه ٿيڻ خلاف استادن جو احتجاج

نوشهروفيروز (ڊر)ضلعي جي پرائمري استادن جا ايڇ ايس ٽي پروموشن نه ٿيڻ خلاف استادن پاران پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي استادن مختيار علي شاھ، اسلم راجپوت، رجب زرداري، سونو خان ڍلون، اعجاز علي پٺاڻ علي حسن چنو، امجد ميمڻ، شفيع محمد شاھ ،آفتاب احمد ڏيٿو۽ ٻين چيو ته ڊائريڪٽر پرائمري شھيد بينظير آباد ۽ پ ٽ الف جي ڪجھ نام نهاد عھديدارن ملي ڀڳت ڪري سينئر پرائمري استادن جي حق تلفي ڪئي آھي.ھنن چيو ته ھي ڪٿان جو انصاف آهي ته سيڪنڊري ۽ پرائمري جي استادن جي ايڇ ايس ٽي ٿيندڙ پروموشن ھڪ ئي تاريخ ۽ ھڪ ئي ڏينهن تي ڪيا ويندا آھن. ھن ڀيري سيڪنڊري وارا استاد ھڪ کان ٻه ڀيرا جي ايس ٽي استادن کي ايڇ ايس ٽي پروموشن ڏيارڻ ۾ ڪامياب رھيا آھن جڏھن ته پرائمري استاد پروموشن ملڻ کان محروم آھن. ھنن چيو ته اسان جائز مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ احتجاج تي مجبور آھيون. جنھن ڪري پرائمري استادن کي جيستائين پنھنجو حق نه ملندو ان وقت تائين احتجاج جو سلسلو جاري رھندو ۽ ھڪ ھفتي بعد ڊائريڪٽر پرائمري شھيد بينظير آباد جي آفيس آڏو ڌرڻو ھنيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو