انٽر جا 2 شاگرد اغوا، 60 لک ڀنگ طلب، وارث پريشان

سکر(بيورو رپورٽ) پراڻي سکر مان انٽر جا 2 شاگرد  مبينا طور اغوا ٿي ويا آهن. اغوا ٿي ويلن ۾ عادل پٽ عيدن ۽ ياسر پٽ ياسين شيخ شامل آهن. مغوي نوجوانن جي فون تان گهر ڀاتين کي فون آيو ته 60 لک ڀنگ ادا ڪريو، موبائيل تي ايزي لوڊ ڪرايو. وارثن 500 جو ايزي لوڊ ڪرايو آهي ڀنگ جي ڳري رقم بابت پريشان آهن. ان سلسلي ۾ مغوين جي چاچي ثمير شيخ جو چوڻ آهي گذريل شام جو گهران نڪتل ڀائيٽيا ٽانگا اسٽينڊ وٽان پيادل ويندي نظر آيا آهن ان کانپوء لاپتا ٿي ويا آهن هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته رات ڀائيٽي عادل جو موبائل نمبر کليل هو ڪال اٽينڊ نه پيو ڪري بعد ۾ سندس نمبر بند ٿي ويو آهي ان مان لڳي پيو ته ٻنهي ڀائيٽن کي  اغوا ڪيو ويو آهي واقعي بابت سي سيڪشن ٿاڻي ۽ ون فائيو تي اطلاع ڏنو ويو آهي پر هن مهل تائين ڀائيٽين جو ڪو به ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو جنهن ڪري گهرڀاتي پريشان ٿي ويا آهن هن آء جي سنڌ. ايس ايس پي سکر ۽ ٻين وس وارن کان گهر ڪئي آهي ته ڀائيٽين کي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي پوليس جو چوڻ آهي ته ڇوڪرا ڪنڌ ڪوٽ جي ڪچي واري علائقي ۾ آهن اسين ڪوشش ڪريون پيا.

پهنجو تبصرو موڪليو