پراسرار طور قتل ڪيل عورت جي قبر ڪشائي، جزا ورتا ويا

ڳڙهي ياسين (ن سنڌيار)شيخ محلا جي رهواسڻ ناري صنم شيخ جيڪا سال اڳ فوت ٿي وئي هئي ،ان جي قبرڪشائي شھر جي قبرستان پير ڏاڏا قاسم شاهه جي قبرستان ۾ سول جج ۽ جوڊيشنل مئجسٽريٽ مشتاق احمد جوکيو جي نگرانيءَ صحت کاتي پاران مقرر ڪيل ميڊيڪل ٽيم پاران ڪئي وئي، لاش جا جزا وٺي، پوسٽ مارٽم لاءِ موڪليا ويا، ان موقعي تي درخواست گذار عبدالرزاق شيخ ٻڌايو ته مسمات صنم شيخ جي ڪراچيء ۾ شادي ٿيل هئي جنهن کي گهرو اڻتبڻت تان تڪرار بعد خودڪشي جو جواز ڃاڻائي، لاش ڪراچي مان ڳڙھي ياسين ڳوٺ آڻي بغير پوسٽمارٽم  دفنايو ويو هو جنهن بعد اسان کي خبر پئي ته اسان جي عورت کي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو آھي جنهن بعد مون عدالت سان رجوع ڪيو عدالت سڳوري صحت کاتي کي ليٽر اوماڻيو جنهن  سي ايم سي چانڊڪا جي ڊاڪٽرن،  ايم ايس سي ايم سي ايس لاڙڪاڻه، پروفيسر فيميل سي ايم سي لاڙڪاڻه، پروفيسر پيٿالاجي سي ايم سي لاڙڪاڻه، ڊبليو ايم او آر بي يو ٽي اسپتال شڪارپور۽ پولس سرجن لاڙڪاڻه تي مشتمل ڪاميٽي جوڙي، سول جج جي نگراني ۾ قبر ڪشائي ڪري لاش جا جزا ورتا آهن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو