پاڻي چوري ڪندڙن خلاف آپريشن 2 هائيڊرنٽ ڊهي ويا

ڪراچي(پ ر)مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ۽ چيئرمين ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ سيد ناصر حسين شاھ ۽ ايم ڊي ڪراچي واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان جي هدايتن تي انچارج اينٽي ٿيفٽ سيل واٽر بورڊ ۽ چيف سيڪيورٽي آفيسر واٽر بورڊ پاران ضلعي ملير ميمڻ ڳوٺ جي حد ۾ گڏيل گرينڊ آپريشن ڪندي 2 غير قانوني ھائيڊرنٽس ڊاھي پٽ ڪري ڇڏيا، واٽر بورڊ جي ترجمان عبدالقادر شيخ پاران جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته آپريشن جي اڳواڻي اينٽي ٿيفٽ سيل واٽر بورڊ انچارج عبدالواحد شيخ ڪئي، آپريشن ۾ چيف سيڪيورٽي آفيسر واٽر بورڊ ريٽارئرڊ ڪرنل ضياء زيدي، ريٽارئرڊ ميجر عبدالمجيد اعواڻ، اسٽاف آفيسر ٽو چيف سيڪيورٽي آفيسر واٽر بورڊ پرويز عباسي ۽ ٻيا شريڪ ھئا، ان موقعي تي انچارج اينٽي ٿيفٽ سيل جو چوڻ هو تہ ملزمان غير قانوني ھائيڊرنٽس ذريعي ضلعي ملير جو پاڻي چوري ڪري شھر جي مختلف علائقن ۾ ٽينڪرن وسيلي وڪرو ڪندا ھئا، ھن وڌيڪ چيو تہ ڪارروائي دوران سوين فٽ پائپ ضبط ڪيا ويا آھن،

KW&SB operation against illegal Hydrants in Malir, Two facilities destroyed

ان موقعي تي ايم ڊي ڪراچي واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان جو چوڻ هو شهرين جو پاڻي چوري ڪندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو ۽ بنا ڪنهن فرق جي اڃان وڌيڪ ڪاروايون تيز ڪيون وينديون، ٻئي طرف مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ۽ چيئرمين ڪراچي واٽر بورڊ سيد ناصر حسين شاھ چيو تہ جوابدار ڪنهن بہ رعايت جا مستحق نہ آهن، پاڻي چوري ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو دائرو وڌايو وڃي، واضح رهي تہ واٽر بورڊ پاران گذريل ٽن ڏينهن ۾ اھيا ٻئي وڏي ڪئي وئي آهي ھن کان ٻہ ڏينهن اڳ منگهوپير ڊسٽرڪٽ ويسٽ ٿاڻي پيرآباد جي حد ۾ آپريشن ڪري 3 غير قانوني ھائيڊرنٽس ڊاھي پٽ ڪيا ويا ھئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو