پاڻي چورن خلاف ڪارروائي تيز ،نارا ڪينال ۾ پاڻي کوٽ خلاف نوٽيس

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي نگران آبپاشي واري وزير ايشور لال پاڻي چورن خلاف ڪارروائي کي تيز ڪري ڇڏي آهي ۽ ڪيترن ئي هنڌن تان پاڻي چوري جون شڪايتون ملڻ تي بروقت معاملي حل ڪيو ويو. نگران آبپاشي واري وزير نارا ڪئنال ۾ پاڻي جي کوٽ جي خبر جو به نوٽيس وٺندي ايم ڊي سيڊا حيدرآباد پريتم داس کي هدايت ڪئي ته معاملي جي مڪمل جاچ ڪري ان کي حل ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي. ايشور لعل جي هدايت تي آبپاشي کاتي جي لاڳاپيل عملدارن فوري طور تي محبوب واهه خيرپور ايسٽرن سکر کاٻي پاسي ۾ غير قانوني ڪنيڪشن جي شڪايت ملڻ تي ان کي فوري ختم ڪري غير قانوني ڪنيڪشن ذريعي پاڻي چوري کي روڪيو ويو. اهڙي طرح سيف الله ڪينال ۽ ڌٽ شاخ سب ڊويزن اڪرم واهه مان به غير قانوني ڪنيڪشن ڪٽي پائپ ختم ڪيا ويا. ٻئي طرف نگران آبپاشي واري وزير جي وقت سر ڪارروائيءَ سبب دادو ڪئنال ۾ به پاڻي ضايع ٿيڻ تي شگاف کي ڀريو ويو. جڏهن ته ايم ٿري آر سب ڊرين سميت ٻين واهن جي صفائي جو ڪم به تيزي سان جاري آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو