پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ جا امڪان روشن ٿي ويا آهن

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٽئين ٽي ٽوئنٽي کيڏڻ جو امڪان واضح ٿي ويو آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ميچ لاءِ اسٽيڊيم وڃڻ لاءِ پروڊڪشن ٽيم کي گرين سنگل ڏنو آهي. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ويسٽ انڊيز اسڪواڊ جي وڌيڪ 5 ميمبرن جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو آئي هئي جنهن کانپوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ هلندڙ سيريز ختم ٿيڻ جا خطرا پکڙجڻ شروع ٿي ويا هئا. پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ون ڊي سيريز کيڏڻ جو فيصلو ٻنهي بورڊن جي اجلاس کانپوءِ ڪيو ويندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز ڇنڇر کان شروع ٿيندي

پهنجو تبصرو موڪليو