پاڪستان جي پهرين ٽيسٽ ۾ بنگلاديش کي 8 وڪيٽن تان شڪست

چٽاگانگ(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ بنگلاديش کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٻن ميچز جي سيريز ۾ هڪ ميچ تان برتري حاصل ڪئي آهي. ٽيسٽ ميچ جي آخري ڏينهن ۾ منجهند کان اڳ ئي پاڪستاني ٽيم ميچ کٽي ورتي. پاڪستان جو اوپنر عابد علي جنهن پهرين ميچ ۾ سينچري اسڪور ڪئي هئي اهو 12 چوڪن جي مدد سان 91 رنز اسڪور ڪري تيج الاسلام جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو. جڏهن ته سندس ساٿي اوپنر عبدالله شفيق جنهن هن ٽيسٽ ميچ ۾ ديبيو ڪيو اهو هڪ ڇڪي ۽ 8 چوڪن جي مدد سان 73 رنز ٺاهي مهدي حسن جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿي ويو. جنهن بعد اظهر علي ۽ بابر اعظم بقايا اسڪور ڪري ميچ کٽي ورتي. بنگلاديش ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو هو ۽ پهرين اننگ ۾ 330 رنز اسڪور ڪيون. پاڪستان پهرين اننگ ۾ 286 تي آئوٽ ٿيو. بنگلاديش ٻئي اننگ ۾ 157 تي ڍير ٿي ويو هو. پاڪستان گهربل اسڪور ٻن وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ميچ کٽي ورتي. شاهين آفريدي ٻئي اننگ ۾ 5 وڪيٽون ورتيون، 3 سجاد احمد ۽ 2 حسن علي حاصل ڪيون هيون. حسن علي پهرين اننگ ۾ 5 وڪيٽون ورتيون هيون ۽ شاهين آفريدي کي هڪ وڪيٽ ملي هئي. ياد رهي ته ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچز جي سيريز ۾ پاڪستان بنگلاديش کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو