پاڪستان جي پهرين ٽرانسجينڊر اينڪر تي قاتلاڻو حملو

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور ۾ پاڪستان جي پهرين ٽرانسجينڊر اينڪر قاتلاڻي حملي ۾ بچي وئي. ٽرانسجينڊر اينڪر مارويه ملڪ تي حملي خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس کي ڏنل بيان ۾ مارويه ملڪ چيو ته ڪينٽ واري علائقي ۾ فارميسي مان گهر واپس اچي رهي هئي ته مٿس فائرنگ ڪئي وئي. مارويه ملڪ جو چوڻ هو ته کيس فون تي ڌمڪيون ملي رهيون آهن، ان ڪري هو پنهنجو گهر ڇڏي لاهور هلي وئي آهي. ڪجهه سال اڳ نجي ٽي وي کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ مارويا جو چوڻ هو ته ”مان پنهنجي ڪميونٽي سميت سڀني لاءِ هڪ مثال آهيان ته جتي ٽرانسجينڊرز فيشن ۽ ميڊيا ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي سگهن ٿا پر ٻين شعبن ۾ به اهميت رکن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو