پاڪستان جي بنگلاديش کي لڳاتار ٻئي شڪست سيريز کٽي ورتي

ڍاڪا(ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم بنگلاديش خلاف ٻي ٽي ٽئنٽي ميچ 8 وڪيٽن تان کٽي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي. سيريز جو ٽيون ميچ اڃا باقي آهي. بنگلاديش ميچ کٽڻ لاءِ پاڪستان کي 109 رنس جو هدف ڏنو جيڪو قومي ٽيم ٻن وڪيٽس جي نقصان تي پورو ڪيو. ڍاڪا جي شير بنگلا اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ٻي ميچ ۾ بنگلاديش جي ڪپتان محمود الله ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جيڪو ڪارائتو ثابت نه ٿيو ۽ ميزبان ٽيم مقرر اوورز ۾ رڳو 108 رنس ٺاهي سگهي. قومي ٽيم جي بالرز بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ ڪنهن به بيٽر کي گهڻو وقت ڪريز تي بيهڻ نه ڏنو. اوپنر سيف حسن، شاهين شاهه آفريدي جي بال تي ڪا به رن ٺاهڻ کانسواءِ ايل بي ڊبليو ٿي ويو، جنهن کانپوءِ ميزبان ٽيم جون وڪيٽس ڌڙا ڌڙ ڪرڻ لڳيون. پاڪستان پاران شاداب خان ۽ شاهين شاهه آفريدي 2-2 وڪيٽس ۽ وسيم جونيئر، محمد نواز ۽ حارث رئوف هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. پاڪستان 18.1 اوورز ۾ ٻن وڪيٽس جي نقصان تي هدف پورو ڪري ورتو. ڪپتان بابر اعظم رڳو هڪ رن ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. فخر زمان 57 ۽ حيدر علي 6 رنس ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيا. بابراعظم ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته فتح جو مومينٽم برقرار رکڻ ضروري هو. هوڏانهن پاڪستان جو ٽيسٽ اسڪواڊ به ڍاڪا پهچي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو