پاڪستاني ڪرڪيٽ کي پيرن تي بيهاريندس، رميز راجا

دبئي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجا چيو آهي ته پاڪستاني ٽيم جي ليڊر شپ سٺي آهي، ڪرڪيٽ انهن ڪجهه راندين مان هڪ آهي، جن ۾ ليڊر شپ اهميت رکي ٿي. صحافين سان ڳالهائيندي رميز راجا چيو ته رانديگر تي اعتماد ڪيو، پوءِ انهن سٺو ريسپانس ڏنو، رانديگرن جي پنهنجي محنت رنگ لاتو آهي. هن چيو ته مان رانديگرن سان چيئرمين نه پر هڪ رانديگر طور ئي ڳالهائيندو آهيان، شڪست جو خوف نه هجڻ گهرجي، اسان متحد ٿي کيڏياسين، جنهن تي خوشي آهي. سندس چوڻ هو ته منهنجي هوندي رانديگرن کي پريشاني نه هوندي، واعدو ٿو ڪيان ته اسان جي ڪرڪيٽ پنهنجي پيرن تي بيهندي، اسان هڪ نئون هوم سيزن ٺاهينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو