پاڪستاني پائلٽس ۽ ايئرلائينز تان عالمي پابنديون ختم

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستاني ايئرلائينز ۽ پائليٽس تي لڳل عالمي پابنديون ختم، ايويئيشن جي عالمي تنظيم پاڪستان سول ايويئيشن اٿارٽي تي لڳايل پابنديون هٽائي ڇڏيون آھن. هاڻي پاڪستاني پائلٽ ۽ پي آءِ اي سوڌو ٻين اڏامن تي لڳل پابنديون ختم ٿي وينديون، عالمي تنظيم ڊي جي سي اي اي پاڪستان کي خط لکي پابنديون ختم ڪرڻ بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آھي. خط ۾ سي اي اي پاڪستان جي قدمن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو آهي، عالمي تنظيم سي اي اي پاڪستان تي پائليٽس کي لائسنس جاري ڪرڻ واري پابندي به هٽائي ڇڏي آھي.

پهنجو تبصرو موڪليو