پاڪستاني يوٽيوبرز لاءِ وڏي خوسخبري اچي وئي

ڪراچي(ويب ديسڪ)پاڪستاني يوٽيوبرز لاءِ وڏي خوشخبري اچي وئي. پاڪستان کي يوٽيوب وارن انهن 70 ملڪن جي لسٽ م سامل ڪري ڇڏيو آهي جيڪي شارٽ ويڊيو سبب پيسا ڪمائي سگهن ٿا. ڪجهه مهينا اڳ يوٽيوب شارٽس وڊيوز ٺاهيندڙ تخليقڪارن لاءِ پنهنجي طرفان امدادي فنڊن جو اعلان ڪيو هو. ان وقت ان فهرست ۾ 30 ملڪ شامل هئا. پر هاڻ 70 ملڪن جي نئين فهرست جاري ڪئي وئي آهي جنهن تحت يوٽيوب انهن ملڪن جي تخليقڪارن ۾ 10 ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ رقم ورهائيندو. هاڻ 70 ملڪن جي فهرست ۾ پاڪستان ۾ به شامل آهي ۽ ان کان سواءِ شارٽس جي تجزياتي ٽول (اينالٽڪس) ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي. ان کان اڳ مئي ۾ يوٽيوب چيو هو ته هو سال 2021ع ۽ 2020ع لاءِ خاص شارٽ وڊيوز ٺاهيندڙ يوٽيوبرز لاءِ ڏهه ڪروڙ ڊالر رکيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو