عوام جي ٽئڪسن سان ڀريل خزانو لٽيندڙن جو احتساب ڪير ڪندو؟

محمد خالد ميمڻ
پاڪستان کي قائم ٿئي 75 سال گذري چڪا آهن ۽ انهن گذريل سالن اندر ڏينهون ڏينهن ملڪ قرضن ۾ ٻڏندو ٿو وڃي جيڪي به حڪمران اچن ٿا قرض لاهڻ ته ٺھيو مورڳو مختلف ملڪن کان قرض وٺي اڃان به ويتر قرضي ڪرڻ ڄڻ ته پنهنجي فرضن ۾ شمار ڪري باقائدگي سان اهو ڪم ڪرڻ ۾ مشغول آهن جڏهن ته مختلف مدن ۾ ملڪ کي مختلف ملڪن کان امداد الڳ ملندي ٿي رهي ته نه ان امداد جو ڪو حساب ڪتاب نه ئي مليل قرضن جو ڪو ليڪو چوڪو رکيو ٿو وڃي بس رڳو هڪ ڳالھ هر حڪمران پنهنجي دؤر ۾ شروعات کان هن مهل تائين چوندي ٻڌون ٿا ته اڳين حڪومت خزانو خالي ڪري وئي آهي ۽ هاڻي عوام کي قرباني ڏيڻي پوندي جڏهن ته عوام پاڪستان ٺھن وقت به جانين جو نذرانو ڏنو هيو ۽ هر حڪومت جي دؤر ۾ به عوام هرصورت ۾ قربانيون ڏنيون آهن ۽ عوام قربانيون ان آسري ۽ اميد تي ڏيندو ٿو اچي ته من هاڻي ڪا عوام دوست حڪومت اچي ته جيئن اسان جا ڏک سور تڪليفون دور ٿين ۽ اسان سان گڏ اسان جا نوجوان ٻار ٻچا ڪو سک جو ساه کڻن ۽ اسان جي مستقبل جي معمارن کي ڪو سٺي تعليم,بهتر صحت,روڊن رستن جون سهولتون ملي سگهن ۽ اسان جا نوجوان سڌريل ملڪن جي نوجوانن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلي سگهن پر بدقسمتي سان اهو اسان پاڪستاني عوام جو خواب هميشھ وانگر هن مهل تائين خواب ئي رهجي ويو آهي ۽ اسان جون حالتون بد کان بدتر ٿينديون ٿيون وڃن رڳو تازي ملڪي سياست جي صورتحال تي نظر ڦيرائبي ۽ سياستدانن جون هڪٻئي سان سياست گريون ڏسنداسين ته هڪ ڳالھ سمجهي سگهون ٿا ته انهن کي رڳو پنهنجا مفادات عزيز آهن کين عوام جي پريشانين تڪليفن دردن اهنجن جو ڪوبه خيال ناهي سڀئي حڪمران هڪ ٻئي کي چور چئي رهيا آهن هڪڙن تي نيب,ايف آئي اي سميت مختلف ادارن ۾ ڪيس هلندڙن آهن ته ٻين تي وري ڪيسن جون تياريون پيون ٿين پر گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڪيسن تي اربين روپيا خرچ ته ٿيا پر ڪنهن وٽان عوام جا چورايل پيسا ناهن نڪتا مطلب ته سياستدان هڪٻئي سان هڪ قسم جي نوراڪشتي راند کيڏڻ ۾ مصروف عمل آهن ۽ اهي جڏهن به جيڏي مهل به چاهين ٿا ته هڪٻئي کي اين آر او ڏئي ٿا ڇڏين ۽ اين آر او ڏيڻ مهل ڪڏهن به نه عوام نه ئي ڪنهن عدالت کان پڇن ٿا ان ڪري عوام هاڻي هنن خودغرض لالچي قسم جي حڪمرانن مان سخت بيزار ٿي لڳي ۽ عوام جو هڪ ئي مطالبو آهي ته ڪا اهڙي عوام دوست حڪمرانن تي مشتمل حڪومت اچي جيڪا واقعي به هڪ بي رحم احتساب ڪري ۽ بنا ڪنهن پارٽي بازي جي سڀني ڪرپٽ سياستدانن سميت آفيسرن جو اهڙو سخت احتساب ڪري ۽ انهن وٽان عوام جا چوري ٿيل سڀ پيسا واپس ڪرائي خزاني ۾ جمع ڪرائي ۽ چورن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن ۽ واپس ڪرايل انهن ئي پئسن مان مختلف ملڪن ادارن کان کنيل قرض واپس ڪيا وڃن ته جيئن اسان جو ملڪ قرضن مان آزاد ٿي وڃي ته جيئن دنيا اندر اسان جي پياري ملڪ پاڪستاني ڪا ناماچاري ٿئي ڇوته قرضن ڪرپشن ۽ ھڪٻئي سان چوري جي پئسن تي وڙهڻ ڪري ملڪ بدنام ٿي ويو آهي ان لاء ملڪ جي اصل مالڪن کي گهرجي ته ملڪ جي ڀلي لاء ڪجھ سوچين ۽ هن وقت عوام جون نظرون اعلي عدليه جي ڏانهن آهن ته اهي ملڪ کي ڪمزور ڪندڙ مافيائن کي روڪي انهن جو سخت بي رحم احتساب ڪري ملڪ کي بچائين

پهنجو تبصرو موڪليو