پاڪستاني ايئرپورٽن تي سيڪيورٽي بهتر بڻائڻ لاءِ برطانيا جو اهم قدم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستاني ايئرپورٽ سيڪيورٽي کي بهتر بڻائڻ لاءِ برطانوي سيڪيورٽي اداري ڊپارٽمينٽ فار سيڪيورٽي طرفان جديد اسڪيننگ مشينون فراهم ڪيون پيون وڃن.سي اي اي ذريعن موجب جديد مشينون ڪراچي ۽ لاهور ايئرپورٽن تي سيڪيورٽي کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ ڏنيون پيون وڃن.ذريعن جو چوڻ آهي ته اسڪيننگ مشينون مسافرن ۽ سامان سان گڏ نقصانڪار شين ۽ بارودي مواد کي جاچڻ جي صلاحيت رکن ٿيون، مشينون برطانوي ڊپارٽمينٽ فار سيڪيورٽي طرفان سول ايوي ايشن اٿارٽي کي تحفي ۾ ڏنيون وينديون.ذريعن موجب مشينري لڳائڻ جو مقصد برطانيا مان ايندڙ مسافرن ۽ انهن جي سامان جي جديد طريقي سان چيڪنگ ڪرڻ آهي.سول ايوي ايشن ذريعن جو چوڻ آهي ته اها ٽيڪنالاجي اڳتي ٻين ايئرپورٽن تي به فراهم ڪئي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو