پاڪستاني اداڪارا حنا خواجه بيات جو مڙس لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان جي سينيئر ۽ ورسٽائل اداڪارا حنا خواجه بيات جو مڙس لاڏاڻو ڪري ويو.اداڪارا جي مڙس راجر بيات دائود جي موت جي خبر شوبز نيوز انسٽاگرام پيج عافيا بلاگز ذريعي ڏني، جنهن ۾ چيو ويو ته راجر جي موت جي تصديق مشهور پاڪستاني هدايتڪار حسيب حسن ڪئي.ان حوالي سان اداڪارا طرفان سوشل ميڊيا اڪائونٽس تي ڪا به پوسٽ شيئر ناهي ڪئي وئي.اداڪارا جو مڙس ڪيترن ئي سالن کان ڪينسر جهڙي موذي مرض سان وڙهي رهيو هو پر هاڻ هو زندگي وڃائي ويٺو آهي.سوشل ميڊيا پوسٽ تي اداڪارا جو ذڪر ڪندي ڪيترن ئي ماڻهن تعزيت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو