پاور ڊويزن جي وزير ۽ سيڪريٽري جي غير حاضري تي احتجاج

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سينيٽ جي بجلي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر سيف الله ابڙو جي صدارت هيٺ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس جي شروعات ۾ ڪميٽي جي چيئرمين سوال ڪيو ته وزارت اڃا تائين جينڪو-2 جي بلاڪ V ۾ 747 ميگاواٽ بجلي جي نقصان ۽ مرمت جي آزاداڻي انڪوائري رپورٽ ڇو پيش نه ڪئي آهي، وزارت جي نمائندي چيو ته ايندڙ اجلاس ۾ ان حوالي سان رپورٽ پيش ڪئي ويندي. ڪميٽي جي چيئرمين ان سلسلي ۾ لاڳاپيل اختيارين جي غير فعال رويي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته اختياريون گذريل ٽن اجلاسن کان هڪ ئي ڳالهه ڪري رهيون آهن ته بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي منظوري کانپوءِ ايندڙ اجلاس ۾ رپورٽ پيش ڪئي ويندي پر ان حوالي سان ڪا پيش رفت  ناهي. قائما ڪميٽي جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته قومي خزاني کي ايترو وڏو نقصان پهچائڻ جي ڪنهن تي ته ذميواري وجهڻ پوندي. عوام جي پئسي کي اهڙي ريت ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين. ڪميٽي ۾ اپوزيشن جي ميمبرن توانائي واري وزير (پاور ڊويزن) ۽ سيڪريٽري (پاور ڊويزن) جي مسلسل غير حاضري تي احتجاج ڪندي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو. ڪميٽي جي ميمبرن جو موقف هو ته لاڳاپيل وزير ۽ وفاقي سيڪريٽري جي موجودگي کانسواءِ ڪميٽي جي ڪارروائي بي سود آهي. عملدرآمد لاءِ ڪميٽي جي متفقه سفارشن تي نه غور ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي ڪا اڳڀرائي ٿي آهي. وزارت جو اهڙو رويو ايوان جي اهم فورم جي توهين ڪرڻ جي برابر آهي. اجلاس ۾ سينيٽر سيف الله ابڙو، سرور خان نيازي، فدا محمد، حاجي هدايت الله خان، بهرامند خان تنگي، حافظ عبدالڪريم، محمد اسد علي خان جوڻيجو، سينيٽر پرنس احمد عمر احمدزئي، توانائي واري وزارت (پاور ڊويزن) ۽ جينڪو هولڊنگ ڪمپني لميٽيڊ جي آفيسرن شرڪت ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو